سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2800 هزار رپين جي گهٽتائي

اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2800 هزار رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سونو 5 لک 37162 رپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولي قيمت ۾ 2800 هزار رپين گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 5 لک 37162 رپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2401 …

اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2800 هزار رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سونو 5 لک 37162 رپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولي قيمت ۾ 2800 هزار رپين گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 5 لک 37162 رپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2401 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 462930 رپين مان گهٽ ٿي 460529 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 424367 رپين مان گهٽ ٿي 422166 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 194 رپين جي واڌ کانپوءِ 8810 ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 166 رپين جي واڌ کان پوءِ 5537 رپيا ٿي وئي.

مزید خبریں