پاڪستان اداراجاتي رابطن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪمبوڊيا کي اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتخانو کولڻ جي آڇ ڪئي آهي: پرڏيهي وزارت

اسلام آباد – 05  مارچ (اي پي پي) پاڪستان – ڪمبوڊيا پارلياماني فرينڊ شپ گروپ جو پهريون بريفنگ اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس جي صدارت گروپ جي ڪنوينر قومي اسيمبلي ميمبر شمائله نورين ڪئي. اجلاس ۾ دانيال احمد، احمد عتيق انوار، ثمر هارون بلور، تمڪين اختر نيازي، ماه جبين خان عباسي، شازيه فريد، نتاشا دولتانا، نيلم ڪماري ۽ سعيده جمشيد شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزارت ۽ واپار واري وزارت جا …

اسلام آباد – 05  مارچ (اي پي پي) پاڪستان – ڪمبوڊيا پارلياماني فرينڊ شپ گروپ جو پهريون بريفنگ اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس جي صدارت گروپ جي ڪنوينر قومي اسيمبلي ميمبر شمائله نورين ڪئي. اجلاس ۾ دانيال احمد، احمد عتيق انوار، ثمر هارون بلور، تمڪين اختر نيازي، ماه جبين خان عباسي، شازيه فريد، نتاشا دولتانا، نيلم ڪماري ۽ سعيده جمشيد شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزارت ۽ واپار واري وزارت جا عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا جڏهن ته ڪمبوڊيا ۾ پاڪستان جي سفير وڊيو لنڪ جي ذريعي بريفنگ ڏني. ڪنوينر شمائله نورين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پارلياماني فرينڊ شپ گروپس  ٻنهي ملڪن جي مقننه جي وچ ۾ مڪالمي ۽ عوامي سطح تي رابطن کي گهرو ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي، اسان کي اميد آهي ته اهو گروپ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پرڏيهي وزارت جي عملدارن شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ڪمبوڊيا کي اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتي مشن (سفارتخانو) کولڻ جي آڇ ڪئي آهي ته جيئن اداراجاتي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي. پاڪستان انهن شروعاتي ملڪن ۾ شامل آهي جن ڪمبوڊيا کي تسليم ڪيو ۽ تڏهن کان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن، تازن سالن ۾ واپار، معيشت ۽ پارلياماني سطح تي تعاون ۾ ترتيبوار اضافو ٿيو آهي. سيڪنڊ جوائنٽ ٽريڊ ڪميشن جي اجلاس تعاون جي نئين شعبن جي نشاندهي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا جي وچ ۾ ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي جي مصنوعات، دوائن، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سياحت ۽ ثقافت سميت ٻين شعبن ۾ واپار وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. پارليامينٽ ميمبرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعليم، سياحت ۽ ثقافتي مٽاسٽا تي ڌيان ڏنو وڃي. اجلاس جي پڄاڻي تي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پارلياماني سفارتڪاري جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچايو ويندو.

مزید خبریں