اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ اوڀر ۽ نار جي صورتحال جي ڏس ۾ ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي تحمل جو مظاهرو ڪن، دشمني ختم ڪن ۽ پنهنجي اختلافن کي سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جي وچ ۾ ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم …
وزيراعظم شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو، وچ اوڀر ۽ نار جي صورتحال جي ڏس ۾ ڌرين تي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ اوڀر ۽ نار جي صورتحال جي ڏس ۾ ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي تحمل جو مظاهرو ڪن، دشمني ختم ڪن ۽ پنهنجي اختلافن کي سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جي وچ ۾ ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي خلاف اسرائيل جي حملن ۽ ڀائر نار ملڪن جي خلاف حملن کانپوءِ وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ تي پنهنجي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون ۾ ڏنل سمورين رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي احترام کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته اهي تحمل جو مظاهرو ڪن، دشمني ختم ڪن ۽ پنهنجي اختلافن کي سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته امن جي بحالي ۽ معاملن کي معمول تي آڻڻ انتهائي ضروري آهي، پر اهو سمورين ڌرين پاران وڌ کان وڌ تحمل جي استعمال سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ هن گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجي موقف کي مستقل بنيادن تي ٺوس بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم انور ابراهيم کي افغانستان جي ڏس ۾ تازي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو. هن خاص طور تي خطي ۽ ان کان ٻاهر دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان کي دهشتگرد عنصرن جي خلاف محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.











