اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان وٽ توانائيءَ جا ذخيرا ۽ رسد جا مناسب سطح تي انتظام موجود آهن. وسيلن جي دانشمنداڻي استعمال لاءِ صوبائي حڪومتن سان ويجهو رابطو رکيو پيو وڃي، حڪومت آءِ ايم ايف سان پروگرام جا هدف حاصل ڪرڻ ۽ ڍانچه جاتي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ برطانوي …
پاڪستان وٽ توانائيءَ جا ذخيرا ۽ رسد جا مناسب سطح تي انتظام موجود آهن: سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان وٽ توانائيءَ جا ذخيرا ۽ رسد جا مناسب سطح تي انتظام موجود آهن. وسيلن جي دانشمنداڻي استعمال لاءِ صوبائي حڪومتن سان ويجهو رابطو رکيو پيو وڃي، حڪومت آءِ ايم ايف سان پروگرام جا هدف حاصل ڪرڻ ۽ ڍانچه جاتي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ خطي جي هاڻوڪي اڳڀرائي، پاڪستان جي معاشي صورتحال، جاري اقتصادي سڌارن ۽ ٻه طرفي اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير هاءِ ڪمشنر کي آگاهه ڪندي ٻُڌايو ته حڪومت خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال جي امڪاني معاشي اثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ قدم قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم اهم وفاقي وزارتن ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان تي ٻَڌل هڪ اعليٰ سطح جي ڪميٽي قائم ڪئي آهي جيڪا روزاني جي بنيادن تي اهم شعبن جي صورتحال جو جائزو وٺي رهي آهي، خاص ڪري توانائيءَ جي فراهمي ۽ عالمي جنسن جي مارڪيٽن تي گهري نظر رکي پئي وڃي. هي ڪميٽي سپلاءِ چينز، قيمتن ۾ لاهن چاڙهن ۽ پيٽروليم شين، ڪچي تيل، ڪوئلي ۽ گيس جي امڪاني کوٽ يا رڪاوٽن جو جائزو وٺي رهي آهي، جڏهن ته مهانگائي، پرڏيهي کاتن ۽ مالياتي استحڪام تي امڪاني اثرن جو به تجزيو ڪيو پيو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان وٽ هن وقت توانائيءَ جا ذخيرا ۽ سپلاءِ جا مناسب سطح تي انتظام موجود آهن. حڪومت امڪاني حالتن کي نظر ۾ رکندي مختلف منظرنامن جي رٿابندي ۽ حساسيت جا تجزيا به ڪري رهي آهي. ان سان گڏوگڏ توانائيءَ جي مؤثر استعمال جي قدمن تي به غور ڪيو پيو وڃي ۽ صوبائي حڪومت سان ويجها رابطا رکيا پيا وڃن ته جيئن وسيلن جو دانشمنداڻو استعمال يقيني بنائي سگهجي ۽ مارڪيٽ ۾ غير ضروري خوف هراس پيدا نه ٿئي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي اقتصادي سڌارن جي جاري پروگرام ۽ آءِ ايم ايف سان موجوده پروگرام جي حوالي سان اڳڀرائيءَ کان به آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت پروگرام جا هدف حاصل ڪرڻ ۽ خاص ڪري ٽيڪس پاليسي، محصولن ۾ واڌ، بهتر حڪمراني ۽ اداره جاتي شفافيت جي شعبن ۾ ڍانچه جاتي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن ٻُڌايو ته حڪومت جو فوڪس ڊيٽا جي بنياد تي نگراني ۽ بهتر تعميل ذريعي ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ آهي جڏهن ته مختلف شعبن وچ ۾ منصفاڻي نظام کي يقيني بڻايو پيو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي اهم معاشي اهڃاڻن سان استحڪام ۽ بحاليءَ جي عڪاسي ٿي رهي آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ اقتصاديءَ ترقيءَ جي شرح 3.7 سيڪڙو رهي جڏهن ته وڏي صنعتن جي پيداوار ۾ بهتري ۽ زرعي شعبي جي مضبوط به ڏسڻ ۾ آئي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت هاڻ معاشي استحڪام جي مرحلي کان اڳتي وڌي پائيدار ۽ جامع ترقي طرف وڌڻ چاهي ٿي جڏهن ته بيروزگاري ۽ غربت جهڙن سماجي مسئلن کي به حل ڪرڻ ان جي ترجيح آهي. برطانوي هاءِ ڪمشنر حڪومت جي اقتصادي سڌارن جي عزم کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ۽ ڊگهي مُدي جي ترقيءَ لاءِ برطانيه جي مسلسل حمايت جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته برطانيه پاڪستان جي ترقي ۽ معاشي تبديليءَ جو هڪ مضبوط حصيدار آهي ۽ سڌارا جاتي قدمن، نجي شعبي جي شموليت، فني تعاون ذريعي تعاون جاري رهندو. هن خاص طور کاڻين جي کوٽائي ۽ معدني وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ڌُرين قدرتي وسيلن سان مالامال علائقن ۾ استحڪام، سٺي حڪمراني، پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ، عالمي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ ۽ جامع معاشي ترقيءَ کي نهايت اهم قرار ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ سڌارن جي حڪمت عمليءَ ۾ برطانيه جي مسلسل شموليت ۽ تعاون جي آجيان ڪئي ۽ ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان پاليسيءَ جي تسلسل کي برقرار رکڻ، حڪمراني جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. ڌُرين پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ ڏيڻ ۽ معاشي ترقياتي ترجيحن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ جي عزم کي به ورجايو.











