وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي اٽلي ۾ منعقد آرڪٽڪ سرڪل، فورم ۾ ويو فرام پاڪستان: ڪلائميٽ اينڊ پولر جي موضوع تي تقريب ۾ شرڪت

اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي)موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ اٽلي جي دؤري دوران روم ۾ منعقد آرڪٽڪ سرڪل فورم ۾ ويو فرام پاڪستان: ڪلائميٽ اينڊ پولر جي موضوع تي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جنهن ۾ هن گليشيئرز جي پگهرجڻ، سامونڊي سطح ۾ واڌ ۽ شديد موسمي حالتن جي تباهي آڻيندڙ اثرن سبب پيدا ٿيندڙ ڪمزورين کي اجاگر ڪيو. موسمياتي تبديلي واري وزارت …

اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي)موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ اٽلي جي دؤري دوران روم ۾ منعقد آرڪٽڪ سرڪل فورم ۾ ويو فرام پاڪستان: ڪلائميٽ اينڊ پولر جي موضوع تي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جنهن ۾ هن گليشيئرز جي پگهرجڻ، سامونڊي سطح ۾ واڌ ۽ شديد موسمي حالتن جي تباهي آڻيندڙ اثرن سبب پيدا ٿيندڙ ڪمزورين کي اجاگر ڪيو. موسمياتي تبديلي واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير سائنس ڊپلوميسي فار ٿرڊ پول جي عنوان سان پينل ڊسڪشن ۾ خطاب ڪندي گڏيل ماحولياتي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سائنس تي ٻَڌل تعاون، ماحولياتي انصاف ۽ تحقيقي ادارن، پاليسي سازن وچ ۾ مضبوط رابطن تي زور ڀريو. هن نيشنل ريسرچ ڪائونسل آف اٽلي ۾ رٿيل پولر ڊائلاگ ۽ هاءِ ليول مباحثن ۾ به حصو ورتو. سفارتخاني روم فورم جي موقعي تي ٻه طرفن ملاقاتن جو پڻ بندوبست ڪيو جنهن ۾ اولفور راگنار گريمسن، چيئرمين آرڪٽڪ سرڪل (اڳوڻو صدر آئس لينڊ)، ڪيٽرين جيڪوبسٽير، اڳوڻي وزيراعظم آئس لينڊ چيئر پولر ڊائلاگ، پرڏيهي وزير گرين لينڊ ويوين موٽز فيلڊ، ڪئنيڊا جي پرڏيهي وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري مونا فورٽيز، ناوي جي پرڏيهي وزارت جي اسٽيٽ سيڪريٽري ايونڊ وڊ پيٽرسن، اسٽيٽ آرڪٽڪ اشوز تي يورپي يونين جي اڳوڻي سفير ميري اين ڪونينڪس شامل هئا. وزير اٽلي جي يونيورسٽيز اينڊ ريسرچ واري وزير انا ماريا برينني ۽ اطالوي پرڏيهي وزارت تحت اطالوي ترقياتي تعاون جي ايجنسي جي ڊائريڪٽر مارڪور سڪوني سان به ملاقات ڪئي. اٽلي جي سڀ کان وڏي پبلڪ يونيورسٽي ”لاسيپينزا“ ۾ وفاقي وير لاءِ اعليٰ سطحي تعليمي ڳالهه ٻولهه جو بندوبست به مشن طرفان ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير پروفسر جيوسيپ سيڪارون، پروريڪٽر عالمي تعاون ۽ پروفيسر روڊل لفونيگري، چارلس ڊارون حياتيات جو شعبو ۽ بائيو ٽيڪنالاجي جي سربراهه سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن تحقيقي سهولتن جو دؤرو ڪيو ۽ پاڪستان سان امڪاني تعليمي رابطن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. مشن طرفان وفاقي وزير لاءِ اٽلي جي سڀ کان وڏي سرڪاري تعليمي اداري لاساپينزا ۾ اعليٰ سطحي تعليمي ملاقات جو به بندوبست ڪيو ويو. وزير تحقيقي سهولتن جو دؤرو ڪيو ۽ پاڪستان سان امڪاني تعليمي رابطن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقاتن ۽ ڳالهين دوران وزير، محققن، شاگردن کي جوڙڻ لاءِ ورچوئل گرين يونيورسٽي جي تجويز پيش ڪئي. ڪلائميٽ رسڪ ڪيپيٽن فنڊ، نوجوان موسمياتي ٽيڪنالاجي ڪاروبارين ۽ اسٽارٽ اپس جي مالي اعانت لاءِ برابريءَ واري رسائي ۽ گڏيل مختلف آبهوائن لاءِ گڏيل انٽليڪچوئل پراپرٽي جي تجويز ڏني. پنهنجي تقريرن ۽ ملاقاتن دوران وفاقي وزير ورچوئل گرين يونيورسٽي جي قيام جي تجيوز پيش ڪئي ته جيئن محققن ۽ شاگردن سميت جدت ڪارن کي جوڙي سگهجي. ڪلائميٽ رسڪ ڪيپيٽل فنڊ جي قيام جي تجويز ڏني ته جيئن نوجوان ڪلائميٽ ٽيڪ ڪاروباري ماڻهن ۽ اسٽارٽ اپس کي مالي معاونت فراهم ڪري سگهجي ۽ ماحولياتي جدت تائين منصفاڻي رسائي ۽ گڏيل فائدي کي يقيني بڻائڻ لاءِ گرين انٽليڪچوئل پراپرٽي جي تجويز ڏني. وفاقي وزير اطالوي نيشنل سينٽر فار ريسرچ ۾ سي اين آر اينڊ ريالنزي جي صدر جي ميزبانيءَ ۾ رٿيل مباحثي ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن حياتياتي جدت، ڪرائيو سفيئر اسٽڊي ۽ ماحولياتي پائيداري جي موضوع تي ناليوارن اطالوي سائنسدانن ۽ محققن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اسڪاءِ ٽي جي 24 ٽي وي سان وفاقي وزير جي ڳالهه ٻولهه جو پڻ بندوبست ڪيو ويو. هن موسمياتي ڊپلوميسي تي پاڪستان جي نقطهءِ نظر جو خاڪو پيش ڪيو ۽ موسمياتي تبديليءَ جي وڏن اثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ تي زور ڀريو. آرڪٽڪ سرڪل جي صدر ۽ـ چيئرپرسن طرفان پيش ڪيل پرزينٽيشن ۾ پاڪستان کي پهريون ڀيرو ايندڙ اسيمبليءَ جي پليزي اجلاس ۾ مُک مقرر جي حيثيت سان شرڪت جي غير معمولي دعوت ڏني وئي جيڪا 8 کان 10 آڪٽوبر 2026ع تي ريجاوڪ، آئس لينڊ ۾ منعقد ٿيندي. وفاقي وزير جي جامع ۽ گهڻ رُخين سرگرمين جو بندوبست ۽ رابطا سفارتخاني جي ٿرڊ سيڪريٽري شاهنواز خان ڪيا جن ۾ پاليسي سازن، فيصله سازن، محققن، تعليمي عملدارن ۽ ميڊيا جي ناليوارن ڌُرين ۾ پاڪستان جو مؤقف ۽ موسمياتي بيانيو مؤثر انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو.

مزید خبریں