اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر سينيٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته وزيراعظم يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم - 5 تحت هڪ لک ليپ ٽاپ 16 ارب 80 ڪروڙ 12 لک 30هزار روپين جي لاڳت سان خريد ڪيا ويا آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ليپ ٽاپس جي خريداري پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگوليٽري اٿارٽي (پي پي …
وزيراعظم يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم – 5 تحت هڪ لک ليپ ٽاپ 16 ارب 80 ڪروڙ 12 لک 30هزار روپين جي لاڳت سان خريد ڪيا ويا: مملڪتي وزير وجيهه قمر

مزید خبریں
اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر سينيٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته وزيراعظم يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم – 5 تحت هڪ لک ليپ ٽاپ 16 ارب 80 ڪروڙ 12 لک 30هزار روپين جي لاڳت سان خريد ڪيا ويا آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ليپ ٽاپس جي خريداري پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگوليٽري اٿارٽي (پي پي آر اي) جي قاعدن ۽ ضابطن موجب اوپن ڪمپيٽيٽيو بڊنگ ذريعي ڪئي وئي. خريداري جو سڄو عمل شفاف، چٽاڀيٽي وارو ۽ پي پي آر اي قانونن جي مڪمل پاسداري سان مڪمل ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته ان اسڪيم تحت بلوچستان جي ڪوٽا 14 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪئي وئي آهي جڏهن ته 5 سيڪڙو حصو (اڍائي، اڍائي سيڪڙو) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان لاءِ مختص ڪيو ويو آهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير وجيهه قمر چيو ته فيڊرل دائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن مختلف ڪيڊرز جي 565 خالي تدريسي آسامين کي باقاعده ڀرتي لاءِ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي اشتهار ڏنو ويو آهي ۽ مقرر طريقڪار موجب ڀرتي جو عمل جاري آهي. هن ٻڌايو ته وفاقي گادي واري شهر ۾ شاگردن جي وڌندڙ داخلائن ۽ آبادي ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي مختلف تعليمي ادارن ۾ ايوننگ شفٽ ۾ پڙهائڻ واري عملي لاءِ ڌار پئڪيج فراهم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ان مقصد لاءِ مقامي استادن جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون آهن. مملڪتي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته 12 نوان تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا آهن ۽ استادن جي آسامين جي منظوري لاءِ ناڻي واري وزارت کي به خط موڪليو ويو آهي. هڪ ڌار سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي گادي واري شهر ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي مسئلي جي حل لاءِ حڪومت ڪيترائي قدم کنيا آهن، ستين آدم شماري موجب ملڪ ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جومجموعي انگ 2 ڪروڙ 57 لک 30 هزار آهي، هن ٻڌايو ته وفاقي تعليم واري وزارت جي انتظام هيٺ 946 نان فارمل ايجوڪيشن (اين ايف اي) مرڪز ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ 30 هزار 394 شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن ۽ 1076 استاد خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ايوان کي ٻڌايو ته ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ تعليم ۽ صحت صوبائي مضمون آهن، ڪجهه معاملن جهڙوڪ ريسرچ سينٽرز اسلام آباد ۾ وفاق وٽ برقرار رکيا ويا آهن.











