اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) موجوده جاگرافيائي ۽ علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان حڪومت عوام کي خاطري ڪرائي آهي ته ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جا وڏا ذخيرا موجود آهن جيڪي قومي طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. اوگرا ترجمان طرفان جاري بيان موجب اهو واضح ڪيو وڃي ٿو ته پيٽروليم مصنوعات جي غير قانوني ذخيرو ڪندڙ يا ان کي غير مجاز هنڌن تي رکڻ ۾ ملوث …
ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي: اوگرا

مزید خبریں
اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) موجوده جاگرافيائي ۽ علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان حڪومت عوام کي خاطري ڪرائي آهي ته ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جا وڏا ذخيرا موجود آهن جيڪي قومي طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. اوگرا ترجمان طرفان جاري بيان موجب اهو واضح ڪيو وڃي ٿو ته پيٽروليم مصنوعات جي غير قانوني ذخيرو ڪندڙ يا ان کي غير مجاز هنڌن تي رکڻ ۾ ملوث ڪنهن به ماڻهو يا اداري خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، خاص ڪري اهي هنڌ جيڪي باقاعده لائسنس يا فته آئل ڊيپو يا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي ريٽيل آئوٽ ليٽس کانسواءِ هجن. هن چيو ته مشاهدي ۾ آيو آهي ته ڪجهه عنصر اهڙين حالتن ۾ ناجائز منافعي خوري لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي ذخيرو اندوزي جي ڪوشش ڪندا آهن، ان رجحان جي روڪٿام لاءِ سمورن صوبائي چيف سيڪريٽريز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي لاڳاپيل ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنرز کي متحرڪ ڪن ته جيئن هو معائنو ڪن ۽ جتي به پيٽروليم مصنوعات جي غير قانوني ذخيرو اندوزي ڏٺي وڃي اتي لاڳاپيل هنڌن کي سيل ڪندي قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جون ٽيمون به فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ آئل ڊيپوز ۽ ريٽيل آئوٽ ليٽس تي پيٽروليم مصنوعات جي ذخيرن جي مسلسل نگراني ڪري رهيون آهن ته جيئن فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ڪنهن به قسم جي بي ضابطگي يا بدعنواني جي روڪٿام ڪري سگهجي. عوام کي گذارش آهي ته ڪنهن به قسم جي افواهن تي ڌيان نه ڏي ۽ نه ئي غير ضروري طور تي پيٽروليم مصنوعات جي خريداري يا ذخيره اندوزي ڪري.











