اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هائير ايجوڪيشن ۾ فيڪلٽي جي پي اسڪيل نظام بابت قائم ٽاسڪ فورس جو اٺون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايڇ اي سي ۽ صوبائي هائير ايجوڪيشن کاتن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته ٽينيور ٽريڪ سسٽم (ٽي ٽي ايس) جون پگهارون 2021ع کان منجمند آهن، …
ايڇ اي سي ۾ فيڪلٽي جي پي اسڪيل نظام بابت قائم ٽاسڪ فورس جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هائير ايجوڪيشن ۾ فيڪلٽي جي پي اسڪيل نظام بابت قائم ٽاسڪ فورس جو اٺون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايڇ اي سي ۽ صوبائي هائير ايجوڪيشن کاتن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته ٽينيور ٽريڪ سسٽم (ٽي ٽي ايس) جون پگهارون 2021ع کان منجمند آهن، جنهن سبب اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ قابل ۽ باصلاحيت استادن کي برقرار رکڻ هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ٽي ٽي ايس اسڪيل ۾ 35 سيڪڙو فرق ختم ٿي چڪو آهي، ان نظام کي وڌيڪ موثر ۽ چٽاڀيٽي وارو بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن يونيورسٽين ۾ قابل استاد موجود نه رهيا ته اعليٰ تعليم جو نظام شديد بحران جو شڪار ٿي سگهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته يونيورسٽين ۾ ٽئلينٽ آڻڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ لاءِ پي اسڪيل ۾ ترميم ضروري آهي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته بهتر پگهارون اسڪيل سان گڏ ڪارڪردگي جا اهڃاڻ به سختي سان لاڳو ڪيا وڃن ته جيئن تعليمي معيار ۾ بهتري يقيني بڻائي سگهجي. هن ٽي ٽي ايس ۾ شامل استادن کي بيس لائن (بيسڪ) جي 35 سيڪڙو اضافي پگهار ڏيڻ بابت سفارتن جي منظوري پڻ ڏني. احسن اقبال زور ڀريو ته ايڇ اي سي صوبائي حڪومتن سان گڏجي يونيورسٽين لاءِ بجيٽ ۾ اضافو يقيني بڻائي. هن چيو ته هر پي ايڇ ڊي ڊگري هڪجهڙي معيار جي ناهي هوندي، ان لاءِ دنيا جي 50 بهترين يونيورسٽين مان پي ايڇ ڊي ڪندڙ استادن کي خاص مراعتون ڏيڻ گهرجن ته جيئن عالمي معيار جي تحقيق ۽ تدريس کي هٿي وٺرائي سگهجي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته هائير ايجوڪيشن جي نظام کي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ فوري ۽ موثر قدم ضروري آهن.











