ايران مان پاڪستانين کي واپس آڻڻ جي لاءِ ڀائر ملڪ آذربائيجان جي مدد تي ٿورائتا آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 05  مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايران مان پاڪستانين کي واپس آڻڻ جي لاءِ ڀائر ملڪ آذربائيجان جي مدد تي ٿورائتا آهيون، نار ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانا پاڪستاني شهرين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر وقت متحرڪ رهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار ايران مان پاڪستانين جي واپسي ۽ نار ملڪن …

اسلام آباد – 05  مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايران مان پاڪستانين کي واپس آڻڻ جي لاءِ ڀائر ملڪ آذربائيجان جي مدد تي ٿورائتا آهيون، نار ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانا پاڪستاني شهرين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر وقت متحرڪ رهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار ايران مان پاڪستانين جي واپسي ۽ نار ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله، مملڪتي وزير طلال چوري، خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ايران مان پاڪستانين جي انخلا جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ايران مان پاڪستاني حفاظت سان وطن واپس پهچي رهيا آهن، آذربائيجان ۾ پاڪستاني سفارتخانو پوري طرح متحرڪ آهي، وزيراعظم جي هدايت تي پرڏيهي آفيس ان سڄي صورتحال جي مسلسل نگراني ڪري رهي آهي. اجلاس کي نار ملڪن ۾ ترسيل پاڪستانين جي سهولت لاءِ پاڪستاني سفارتخانن جي قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نار ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانا پاڪستاني شهرين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر وقت متحرڪ رهن.

مزید خبریں