گذريل ٻن سالن ۾ پاڪستان جي معيشت ڏيوالپڻي جي خطري مان نڪري عالمي سطح تي مثالي ڪيس اسٽڊي جي حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي: وفاقي وزير احسن اقبال

اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته گذريل ٻن سالن ۾ پاڪستان جي معيشت ڏيوالپڻي جي خطري مان نڪري عالمي سطح تي مثالي ڪيس اسٽڊي جي حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي ۽ هاڻي حڪومت 2035ع تائين معيشت کي هڪ ٽرلين ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جي هدف تي ڪم ڪري رهي آهي. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو …

اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته گذريل ٻن سالن ۾ پاڪستان جي معيشت ڏيوالپڻي جي خطري مان نڪري عالمي سطح تي مثالي ڪيس اسٽڊي جي حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي ۽ هاڻي حڪومت 2035ع تائين معيشت کي هڪ ٽرلين ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جي هدف تي ڪم ڪري رهي آهي. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻه سال اڳ پاڪستان کي شديد معاشي بحران درپيش هو، هاڻي موثر حڪمراني ۽ سڌارن سبب اڄ وڏا عالمي مالياتي ادارا پاڪستان جي معاشي بحالي کي مثال طور پيش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان گورننس فورم جو مقصد وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، وزارتن، کاتن ۽ نجي شعبي کي اڏام پاڪستان ايجنڊا تحت عمل جوڳي سڌارن تي گڏ ڪرڻ آهي ته جيئن 2035ع تائين هڪ ٽريلين ڊالر جي معيشت جو هدف حاصل ڪري سگهجي. احسن اقبال چيو ته حڪومت فائيو ايز فريم ورڪ ايڪويٽي، ايڪسپورٽس، انرجي، انوائرمينٽ ۽ اي پاڪستان تي عمل ڪري رهيو آهي. ان حڪمت عملي تحت روانگي واپار کي 100 ارب ڊالرن کان وڌيڪ تائين وٺي وڃڻ، پاڪستان کي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل معيشت ۾ تبديل ڪرڻ، مصنوعي ذهانت کي اختيار ڪرڻ ۽ ماحولياتي، توانائي ۽ سماجي چئلينجز کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن زور ڀريو ته صرف انفرا اسٽرڪچر ترقي لاءِ ڪافي ناهي. بهترين هارڊ ويئر به سافٽ ويئر کانسواءِ بي معنيٰ آهي. هن انساني سرمائي جي اهميت اجاگر ڪندي چيو ته عمارتون ۽ روڊ ان وقت تائين فائديمند ناهن جيستائين اسان پنهنجي ماڻهن جي تعليم، صحت ۽ مهارتن ۾ سيڙپڪاري نٿا ڪريون. وفاقي وزير خبردار ڪيو ته پاڪستان آڏو ٻه رستا آهن، جيڪڏهن روايتي انداز اختيار ڪيو ويو ته 2035ع تائين معيشت جو ڳاڻيٽو وڌ کان وڌ 600 ارب ڊالرن تائين پهچي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن جامع سڌارا ۽ قومي هم آهنگي کي هٿي ڏني وڃي ته هڪ ٽرلين ڊالرن جو هدف حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن اهم چئيلنجز جو ذڪر ڪندي چيو ته ملڪ جي آبادي ۾ 2.55 سيڪڙو اضافو، 40 سيڪڙو ٻارن جي غذائي کوٽ (اسٽنٽنگ) جو شڪار ٿيڻ، اٽڪل 2 ڪروڙ 50 لک ٻارن جو اسڪول کان ٻاهر هجڻ ۽ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح جو صرف 10 سيڪڙو هجڻ سنگين مسئلا آهن. هن چيو ته جيستائين تعليم، صحت، آبادي جي رٿابندي ۽ غذائي کوٽ جهڙا مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن، پاڪستان عالمي چٽاڀيٽي ۾ اڳتي نٿو وڌي سگهي. هن چيو ته روانگي واپار اسان جي مستقبل جي لائف لائن آهي ۽ گهربل سطح حاصل ڪرڻ کانسواءِ معاشي خودمختياري ممڪن ناهي. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته فورم ذريعي نجي شعبي کي پاليسي سازن سان سڌي ريت مسئلا کڻڻ جو موقعو مليو، جنهن سان ثبوتن جي بنياد تي سڌارن کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته سياسي اختلافن باوجود سمورن صوبن جي شرڪت سٺو سنئوڻ آهي ۽ ٽيم پاڪستان طور معاشي ترقي لاءِ گڏيل جدوجهد اڻٽر آهي. هن جو چوڻ هو ته 2035ع تائين هڪ ٽرلين ڊالرن ۽ 2047ع تائين 3 ٽرلين ڊالرن جي معيشت جو هدف قومي يڪجهتي ۽ سڌارن مان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ سڌارن ملڪ کي عالمي سطح تي بحالي جو هڪ مثال بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي ڌيان انساني سرمائي جي مضبوطي، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ پائيدار جامع ترقي تي آهي ته جيئن پاڪستان پنهنجي مڪمل معاشي سڌارن کي استعمال ۾ آڻي سگهي.

مزید خبریں