نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر پاران سنڌ ۾ 4 سالن جي ٻار ۾ پوليو وائرس جي تصديق

اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي)نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر (اين اي او سي) سنڌ جي ضلعي سجاول جي ٻيلو يونين ڪائونسل  ۾ 4 سالن جي ٻار ۾ پوليو وائرس هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جيڪو هلندڙ سال جو پهريون پوليو وائرس ڪيس آهي. اين اي او سي جي عملدارن طرفان جاري بيان موجب اهو ڪيس پوليو سرويلنس نيٽ ورڪ ذريعي رپورٽ ٿيو جنهن جي تصديق اسلام آباد ۾ واقع ريجنل …

اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي)نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر (اين اي او سي) سنڌ جي ضلعي سجاول جي ٻيلو يونين ڪائونسل  ۾ 4 سالن جي ٻار ۾ پوليو وائرس هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جيڪو هلندڙ سال جو پهريون پوليو وائرس ڪيس آهي. اين اي او سي جي عملدارن طرفان جاري بيان موجب اهو ڪيس پوليو سرويلنس نيٽ ورڪ ذريعي رپورٽ ٿيو جنهن جي تصديق اسلام آباد ۾ واقع ريجنل ريفرنس ليبارٽري فار پوليو اريڊيڪيشن، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) ڪئي. پوليو جي خاتمي واري پروگرام (پي اي آءِ) طرفان وائرس جي وڌيڪ پکيڙ کي روڪڻ ۽ موثر رد عمل لاءِ صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو پيو وڃي، عملدارن موجب چئلينجز باوجود پوليو جي خاتمي جي پروگرام جون ڪوششون جاري آهن، 1994ع کان هن وقت تائين پوليو ويڪسين جي ڪري پاڪستان ۾ پوليو ڪيسز ۾ 99.8 سيڪڙو گهٽتائي اچي چڪي آهي، جتي 1990ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ اٽڪل 20 هزار ڪيس رپورٽ ٿيندا هئا جڏهن ته 2025ع ۾ اهو انگ گهٽجي 31 رهجي ويو، 2026ع ۾ ايندڙ قومي مهم اپريل ۾ شروع ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۽ ڏکڻ خيبرپختونخوا جي علائقن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي هاڻي به سامهون اچي رهي آهي. اها صورتحال وائرس جي منتقلي کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ موثر ۽ هدفي قدمن ۽ ٻارن جي مسلسل ويڪسينيشن جي ضرورت کي ظاهر ڪري ٿي. پوليو جو خاتمو هڪ گڏيل قومي ذميواري آهي جتي فرنٽ لائن ورڪرز پوليو کان بچاءُ جي ويڪسينيشن جي هر ٻار تائين پهچ لاءِ ڪوشان آهن، پوليو جي خاتمي جي پروگرام والدين کي اپيل ڪئي آهي ته هو هر پوليو جي خاتمي واري مهم دوران پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا ضرور پيارين ته جيئن سندن ٻار سڄي عمر جي معذوري کان محفوظ رهي سگهن.

مزید خبریں