اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت کي نقشن جي فراهمي تي تڪ بندي جو شيڊول فوري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي اسلام آباد ۾ نقشن جي عدم فراهمي ۽ ضروري ترميم نه ڪرڻ تي ايندڙ اجلاس ۾ گهرو وزير کي ذاتي طور تي طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب اليڪشن ڪميشن جي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي …
اليڪشن ڪميشن پاران پنجاب حڪومت طرفان نقشن جي فراهمي تي تڪ بندي جو شيڊول فوري جاري ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت کي نقشن جي فراهمي تي تڪ بندي جو شيڊول فوري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي اسلام آباد ۾ نقشن جي عدم فراهمي ۽ ضروري ترميم نه ڪرڻ تي ايندڙ اجلاس ۾ گهرو وزير کي ذاتي طور تي طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب اليڪشن ڪميشن جي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ ڪميشن جي پنج رڪني بينچ پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون منعقد ڪرائڻ ۾ دير بابت ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي. پنجاب جو چيف سيڪريٽري، پنجاب لوڪل گورنمينٽ جو سيڪريٽري، گهرو وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيا. پنجاب جي چيف سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت اليڪشن ڪميشن کي لوڪل گورنمينٽ تڪ بندي رولز، ڊيمارڪيشن آرڊر جنهن ۾ ٽائون ڪارپوريشنن، ميونسپل ڪارپوريشنن، ميونسپل ڪميٽين، تعلقي ضلعي ڪائونسل، يونين ڪائونسلن جو انگ آهي اهي مهيا ڪيا ويا آهن جڏهن ته نقشن ۽ ٻي ڊيٽا 12 مارچ 2026ع تائين اليڪشنڪ ميشن کي مهيا ڪئي ويندي. اليڪشن رولز جو به صوبائي حڪومت جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪندي. اليڪشن ڪميشن آفيس کي حڪم ڏنو ته صوبائي حڪومت جيئن ئي نقشا فراهم ڪري ٿي تڪ بندي جو شيڊول فوري جاري ڪيو ويندو، جيڪڏهن صوبائي حڪومت 12 مارچ 2026ع تائين نقشا مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ته 13 مارچ 2026ع تان روزاني جي بنياد تي ڊويزن وائيز ڊپٽي ڪمشنرن کي اليڪشن ڪميشن گهرايو وڃي ته جيئن اهي نقشا سڌي ريت اليڪشن ڪميشن کي مهيا ڪن ۽ تڪ بندي جو شيڊول فوري جاري ڪري سگهجي. ترجمان ٻڌايو ته اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ويو ته گهرو سيڪريٽري کي اليڪشن ڪميشن طرفان 3 خط موڪليا ويا آهن، اليڪشن ڪميشن گهرو سيڪريٽري طرفان ٽن خطن جو جواب نه ڏيڻ جو سخت نوٽيس ورتو ۽ حڪم ڏنو ته گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس ڏنو وڃي ته ڇو نه ان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي. ايندڙ ٻڌڻي تي گهرو وزير ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿئي. چيف اليڪشن ڪمشنر اسلام آباد ٻڌايو ته هو هڪ هفتي اندر ٽائون ڪارپوريشنن جا نقشا اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪري ڇڏيندو، اليڪشن ڪميشن نقشن جي فراهمي لاءِ 12 مارچ 2026ع تائين جو وقت ڏنو آهي، ڪيس جي ڪارروائي 10 مارچ اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.











