اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي فيڪٽ چيڪر پاران سوشل ميڊيا تي پاڪستاني بندرگاهن جي عارضي بندش بابت گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن جعلي قرار

اسلام آباد- 5 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي فيڪٽ چيڪر پاران سوشل ميڊيا تي پاڪستاني بندرگاهن جي عارضي بندش بابت گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏنو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي فيڪٽ چيڪر پاران خميس ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ "ايڪس" (x) تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ جعلي نوٽيفڪيشن ۾ دعويٰ …

اسلام آباد- 5 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي فيڪٽ چيڪر پاران سوشل ميڊيا تي پاڪستاني بندرگاهن جي عارضي بندش بابت گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏنو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي فيڪٽ چيڪر پاران خميس ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ "ايڪس” (x) تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ جعلي نوٽيفڪيشن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڪابينا ڊويزن سيڪيورٽي صورتحال جي ڪري پاڪستان جي سڀني بندرگاهن جي داخلي رستن کي 10 مارچ 2026ع تائين عارضي طور تي معطل رکڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڄاڻايل نوٽيفڪيشن من گھڙت آهي، ان حوالي سان ڪابينا ڊويزن يا سامُونڊي معاملن واري وزارت طرفان ڪو به حڪمنامو جاري ناهي ڪيو ويو.

مزید خبریں