حاجين جي سهولت لاءِ مذهبي معاملن واري وزارت پاران هيلپ لائن ۽ اي ميل سروس قائم

اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذهب هم آهنگي  واري وزارت حج 2026 ع جي منتظر حاجين جي رهنمائي ۽ فوري مدد لاءِ باقاعده هيلپ لائن قائم ڪري ڇڏي . مذهبي معاملن واري وزارت مطابق ان قدم جو مقصد حج درخواستن جي عمل ، انتظامن ۽ ٻي معلومات جي حوالي سان عوام کي فائدو ۽ وقت تي معلومات فراهم ڪرڻ آهي . ان حوالي سان حاجي ۽ …

اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذهب هم آهنگي  واري وزارت حج 2026 ع جي منتظر حاجين جي رهنمائي ۽ فوري مدد لاءِ باقاعده هيلپ لائن قائم ڪري ڇڏي . مذهبي معاملن واري وزارت مطابق ان قدم جو مقصد حج درخواستن جي عمل ، انتظامن ۽ ٻي معلومات جي حوالي سان عوام کي فائدو ۽ وقت تي معلومات فراهم ڪرڻ آهي . ان حوالي سان حاجي ۽ سندن ڪٽنب جا ڀاتي اسلام آباد لاءِ  هن نمبرن 051- 051-9216980-051 9216981- 9216982   تي حج بابت شڪايتون ۽ معلومات لاءِ رابطوڪري سگهن ٿا حاجي [email protected] .  حج ۽ سندس عزيزن حج بابت ڪنهن به قسم جي معلومات يا شڪايت لاءِ ڄاڻيل نمبر ۽ اي ميل تي رابطو ڪري سگهن ٿا.

مزید خبریں