منيلا-04 مارچ (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) گليشئرز جي تيزيءَ سان پگهرجڻ جي حوالي سان آگاهي وڌائڻ لاءِ گرين بانڊ جاري ڪري ڇڏيو. اي ڊي بي طرفان جاري بيان موجب گرين بانڊ جي جاري ڪرڻ جو مقصد سيڙپڪارن کي اي ڊي بي جي انهن رٿائن ۽ پروگرامن کان آگاهي ڏيڻ آهي، جن تي عملدرآمد ذريعي ايشيائي ۾ ڪميونٽيز کي گليشيئر جي پگهرجڻ جي اثرن کان محفوظ …
ايشيائي ترقياتي بئنڪ گليشيئرز جي تيزيءَ سان پگهرجڻ جي حوالي سان آگاهي وڌائڻ لاءِ گرين بانڊ جاري ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
منيلا-04 مارچ (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) گليشئرز جي تيزيءَ سان پگهرجڻ جي حوالي سان آگاهي وڌائڻ لاءِ گرين بانڊ جاري ڪري ڇڏيو. اي ڊي بي طرفان جاري بيان موجب گرين بانڊ جي جاري ڪرڻ جو مقصد سيڙپڪارن کي اي ڊي بي جي انهن رٿائن ۽ پروگرامن کان آگاهي ڏيڻ آهي، جن تي عملدرآمد ذريعي ايشيائي ۾ ڪميونٽيز کي گليشيئر جي پگهرجڻ جي اثرن کان محفوظ بنائڻ ۾ مدد ڏيندي. 100 ملين ڊالر ماليت جي ان پنج سالن بانڊز جو انتظام بي اين پي ۽ مارگن سٽيلني ڪيو آهي. ان مان حاصل ٿيندڙ رقم اي ڊي بي جي گرين اينڊ بليو بانڊ فريم ورڪ موجب استعمال ڪئي ويندي. بئنڪ جي فنانس ۽ رسڪ مئنجمينٽ بابت نائب صدر روبرٽا ڪاسالي ٻُڌايو ته گليشيئرز ايشيا جي نهايت اهم پر موسمياتي تبديلي سان سخت متاثر ٿيندڙ قدرتي نظامن ۾ شامل آهن، گليشيئرز پگهرجڻ سان نه صرف درياهن جي وهڪري ۾ تبديلي اچي رهي آهي، پر قدرتي خطرن ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ ڪروڙين ماڻهن جي پاڻيءَ جي سلامتي ۽ روزگار کي خطرو به لاحق آهي، جيڪي پيئڻ جي پاڻي، زراعت ۽ توانائي لاءِ جابلو درياهن تي ڀاڙين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته گرين بانڊ ذريعي اي ڊي بي عالمي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪري رهي آهي ته جيئن بلند جابلو علائقن ۾ موسمياتي موافقت، آبي وسيلن جي بهتر انتظام ۽ قدرتي آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائيءَ جي قدمن کي هٿي ڏئي سگهجي.











