اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تازي حملن بشمول ترڪيه کي نشانو بڻائڻ جي تازي ڪوشش تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه، خطي جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تازي حملن بشمول ترڪيه کي نشانو بڻائڻ جي تازي ڪوشش تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ تحمل جي مظاهري جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي حمايت ۾ گڏيل ڪوششن کي ٺوس بڻائڻ جي عزم کي ورجايو.











