اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري واضح ڪيو آهي ته جيستائين افعانستان جي ڌرتي تان پاڪستان خلاف دهشتگردي ۽ دخل اندازي جي خاتمي جي گارنٽي نٿي ڏني وڃي آپريشن غضب للحق جاري رهندو، 2022ع کانپوءِ افغان طالبان رجيم ۾ 8.5 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني دهشتگرديءَ جو نشانو بڻيا، ترلائي ۾ امام بارگاهه، بنون ۽ باجوڙ ۾ دهشتگرد حملن جون ڪَڙيون افغانستان …
جيستائين افعانستان پاران پنهنجي سر زمين تان پاڪستان خلاف دهشتگردي ۽ دخل اندازي جي خاتمي جي گارنٽي نٿي ڏني وڃي تيستائين آپريشن غضب للحق جاري رهندو: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري واضح ڪيو آهي ته جيستائين افعانستان جي ڌرتي تان پاڪستان خلاف دهشتگردي ۽ دخل اندازي جي خاتمي جي گارنٽي نٿي ڏني وڃي آپريشن غضب للحق جاري رهندو، 2022ع کانپوءِ افغان طالبان رجيم ۾ 8.5 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني دهشتگرديءَ جو نشانو بڻيا، ترلائي ۾ امام بارگاهه، بنون ۽ باجوڙ ۾ دهشتگرد حملن جون ڪَڙيون افغانستان سان ملڻ تي ڀرپور جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته خطي جي موجوده صورتحال تي هر هڪ کي ڳڻتي آهي، اڄ وزيراعظم جي صدارت هيٺ پارلياماني سربراهن جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ خطي جي موجوده صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير چيو ته تاريخ گواهه آهي ته پاڪستان هميشه خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، ڀارت سان ناتا سٺا نه هئڻ باوجود پاڪستان ڪڏهن به اڳرائي جي پاليسي اختيار نه ڪئي، آپگهاتي حملن، بم ڌماڪن ۽ دهشتگرديءَ جي واقعن باوجود اسان هميشه امن جي ڳالهه ڪئي ته جيئن جڏهن به پاڪستان تي ڪٿان به اڳرائي ٿئي ته ان جو ڀرپور جواب ڏنو وڃي، 10 مئي تي ڀارتي اڳرائيءَ تي جيڪو جواب ان کي ڏنو ويو اهو عالمي سطح تي رڪارڊ جو حصو آهي، ان ۾ پهرين اڳرائي ڀارت طرفان ڪئي وئي جنهن جو اسان جواب ڏنو. هن چيو ته افغانستان لاءِ پاڪستان بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن. روس ۽ آمريڪا جي افغانستان تي حملن دوران پاڪستان جون همدرديون افغانستان سان گڏ رهيون، اسان ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين لکين افغان پناهگيرن جي مهمان نوازي ڪئي جيڪا تاريخ جو حصو آهي، انهن سٺائين باوجود موجوده صورتحال سڀني آڏو آهي، 2022ع کان افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت اچڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ 8.5 هزار کان وڌيڪ شهادتون ٿيون جن ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ سويلين شامل آهن، انهن ڪاررواين سان طالبان حڪومت کي سڌيءَ ريت آگاهه ڪيو ويو، افغانستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن جا ثبوت کين فراهم ڪيا ويا، جڏهن ته طالبان حڪومت انهن کي روڪڻ لاءِ ڪو عملي قدم نه کنيو، قطر ۽ استنبول ۾ طالبان سان ڳالهيون ٿيون، اسان دهشتگرديءَ لاءِ ڌرتيءَ جي استعمال کي روڪيندڙ سمورن امڪاني وسيلن جي فراهميءَ جي به آڇ ڪئي جڏهن ته ان باوجود اسان کي اها خاطري نه ڪرائي وئي ته سندن ڌرتي پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ ڀارت ملوث آهي، اسان طالبان کي انهن جا ثبوت فراهم ڪيا، ويجهڙ ۾ ترلائي آپگهاتي حملي جون ڪَڙيون افغانستان سان ملن ٿيون، باجوڙ ۽ بنون ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ افغان شهري ملوث آهن، ان سڄي صورتحال کانپوءِ افغانستان کي اهو پيغام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن هتي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ شهادتون ٿيون ته ان جو نقصان جو نتيجو افغانستان کي به ڀوڳڻو پوندو، اتي موجود دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ محفوظ پناهگاهن تي آپريشن ڪيا پيا وڃن جنهن جا خاطرخواه نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، اهي آپريشن پنهنجي هدفن کي حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندا، اسان کي افغانستان مان دخل اندازي کي هميشه لاءِ روڪڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير افغانستان جا 3 دؤرا ڪيا، دفاع واري وزير افغانستان جو دؤرو ڪري افغان طالبان کي اهو يقين ڏياريو ته افغانستان مان دهشتگردي لاءِ دخل اندازي روڪي وڃي، جڏهن ته ان جو ڪو هاڪاري نتيجو نه نڪتو، جيستائين افغانستان اها خاطري نٿو ڪرائي ته سندن ڌرتي پاڪستان تي حملن ۽ دخل اندازي استعمال نه ٿيندي، آپريشن جاري رهندو. پارلياماني معاملن واري وزير چيو ته ايران اسان جو ڀائر اسلامي ملڪ آهي، اسان ايران تي اسرائيلي اڳرائي جي مذمت ڪئي، جڏهن ته خامنه اي جي شهادت جي به واضح لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جو اهو پيغام آهي ته ايران ۽ نار ۾ شدت گهٽ ڪئي وڃي، ڇڪتاڻ سان تيل ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ ۽ معيشت تي خراب اثر جُڙندا جڏهن ته ايندڙ وقتن ۾ ان جا خراب اثر نڪرندا. هن چيو ته وزيراعظم طرفان موجوده صورتحال تي سمورن پارلياماني ليڊرن جي راءِ لاءِ پارلياماني ليڊرن جو اِن ڪئميرا جلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، اتحاد پارٽين جي پارلياماني ليڊرن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي هاڪاري راين کان آگاهه ڪيو، پاڪستان ايندڙ ڏينهن ۾ خطي جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پاليسي ۾ انهن تجويزن کي شامل ڪندو. وزيراعظم جي هدايت تي اسان مخالف ڌر اڳواڻ جي چيمبر وڃي کين ان اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، اتي سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ به موجود هو، ان کي به اجلاس جي دعوت ڏني جڏهن ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته مخالف ڌر ان جو بائيڪاٽ ڪيو، اها ڪنهن پارٽي جي ذاتي ايجنڊا نه پر قومي سلامتي ۽ پاڪستان جي بهتري جي ڳالهه هئي ته ان صورتحال کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي، هر ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ۾ اولين ترجيح ان جو پنهنجو ملڪ هوندو آهي ۽ پاڪستان به اسان جي پرڏيهي پاليسي ۾ اولين آهي، اسان کي مخالف ڌر جي راءِ گهربل هئي، هو هن ايوان ۾ پنهنجي راءِ ڏين ته جيئن قوم تائين اهو پيغام وڃي ته ان معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر متحد آهن، پاڪستان جي سلامتي هر شيءِ کان مقدم آهي.











