قومي يڪجهتي وقت جي اهم ضرورت آهي: عبدالعليم خان

اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان پنجاب جي اسپيڪر ملڪ احمد خان، مملڪتي وزير ملڪ رشيد احمد خان ۽ چيئرمين ڪشمير ڪميٽي رانا قاسم نون ڌار ڌار ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سرحدن تي درپيش چئلينجز تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته وطن عزيز هن …

اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان پنجاب جي اسپيڪر ملڪ احمد خان، مملڪتي وزير ملڪ رشيد احمد خان ۽ چيئرمين ڪشمير ڪميٽي رانا قاسم نون ڌار ڌار ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سرحدن تي درپيش چئلينجز تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته وطن عزيز هن وقت انتهائي ڏکئي ۽ پيچيده صورتحال مان گذري رهيو آهي ۽ خطو جنگ جي وَر چڙهيل آهي جنهن سبب پاڪستان کي اهم چئلينجز درپيش آهن. هن زور ڀريو ته انهن حالتن ۾ گڏيل اختلافن کان مٿانهون ٿي سوچڻ ۽ قومي يڪجهتي ۽ وحدت جي سخت ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج سرحدن تي درپيش حالتن کي چڱي ريت منهن ڏئي رهي آهي ۽ پوري قوم ان سان گڏ آهي. ملاقات دوران پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ رانا قاسم نون به مختلف معاملن تي وفاقي وزير سان ڳالهايو.

مزید خبریں