اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين پٽاٽن جي روانگي واپار بابت ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪئي ته جيئن اُڀرندڙ علائقائي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي روانگي واپار جي موجوده منظرنامي جو جائزو وٺي سگهجي ۽ آبادگارن جي مفادن جي تحفظ لاءِ فوري قدمن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي. اجلاس اهڙي وقت ۾ منعقد ٿيو جڏهن پاڪستان جي …
وفاقي وزير رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ پٽاٽن جي روانگي واپار بابت ڪميٽي جو چوٿون اجلاس منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين پٽاٽن جي روانگي واپار بابت ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪئي ته جيئن اُڀرندڙ علائقائي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي روانگي واپار جي موجوده منظرنامي جو جائزو وٺي سگهجي ۽ آبادگارن جي مفادن جي تحفظ لاءِ فوري قدمن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي. اجلاس اهڙي وقت ۾ منعقد ٿيو جڏهن پاڪستان جي اهم علائقائي مارڪيٽن تائين پهچ ۾ لاجسٽڪ مسئلن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. شرڪت ڪندڙن کي ٻُڌايو ويو ته ايران ۾ موجوده جنگي صورتحال سبب روايتي رستا غير محفوظ ٿي ويا آهن، جڏهن ته افغانستان جي سرحد بند آهي، جنهن سان وچ ايشيائي مارڪيٽن تائين زميني رابطا محدود ٿي ويا آهن. ان کان علاوه نار رستن تائين محدود پهچ به روانگي واپاري سرگرمين کي پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪميٽي روانگي واپار کي برقرار رکڻ لاءِ متبادل ۽ عمل جوڳن رستن تي غور ڪري رهي آهي. ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته موجوده صورتحال ۾ وچ ايشيائي مارڪيٽن تائين پهچ لاءِ سڀ کان اثرائتو رستو چين ذريعي آهي. حڪومت لاڳاپيل عملدارن سان فعال رابطي ۾ آهي ته جيئن انهن رستن ذريعي واپار کي بنا رڪاوٽ جاري رکي سگهجي. علائقائي غير يقيني صورتحال سبب چُرپر ۽ فريٽ لاڳت ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي وفاقي وزير روانگي واپار ڪندڙن کي هدفي ٽرانسپورٽ سبسڊي ۽ رعايتي فريٽ جي فراهميءَ جي حڪومتي عزم تي زور ڀريو. اهي قدم پرڏيهي رڪاوٽن سبب واڌو خرچن کي گهٽ ڪرڻ ۽ پاڪستاني پٽاٽي جي عالمي مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي کي برقرار رکڻ لاءِ آهن. ڪميٽي روانگي واپاري مارڪيٽن ۾ جدت آڻڻ تي به غور ڪري رهي آهي ته جيئن روايتي مارڪيٽن تي ڀاڙڻ گهٽ ڪري سگهجي. ڪجهه نار رستن جي وقتي بندش ۽ محدوديت سبب وزارت فعال طور تي اوڀر ملڪن خاص ڪري انڊونيشيا ۾ موقعا تلاش ڪري رهي آهي، جتي طلب جا امڪان موجود آهن. مارڪيٽ تائين پهچ وڌائڻ لاءِ واپاري نمائندن ۽ آمدني واپار ڪندڙن سان رابطا جاري آهن. حڪومت جي عزم کي ورجائيندي رانا تنوير حسين چيو ته آبادگارن جي آمدنيءَ جو تحفظ، گهريلو قيمتن جو استحڪام ۽ پاڪستان جي زرعي روانگي واپار جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ پهرين ترجيحون آهن. هن زور ڀريو ته موجوده علائقائي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مربوط، وقت جي پابندي ۽ عملي قدم لازمي آهن ته جيئن پاڪستان جي نين ۽ اُڀرندڙ مارڪيٽن ۾ موجودگيءَ کي هٿي ڏئي سگهجي.











