اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) ملڪ ۾ پئٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازن لاهن چاڙهن کي نظر ۾ رکندي اوگرا صورتحال تي مسلسل نظر رکي آهي ته جئين سپلائي چين ۾ استحڪام برقرار رهي ۽ عوام کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نهن ڏيڻو پوي. اوگرا جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق پئٽروليم مصنوعات جي بنا رڪاوٽ دستيابي کي يقيني بنائڻ ۽ قيمتن ۾ غير معمولي لاهن …
پئٽروليم مصنوعات جي صورتحال تي مسلسل نظر آهي: اوگرا

مزید خبریں
اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) ملڪ ۾ پئٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازن لاهن چاڙهن کي نظر ۾ رکندي اوگرا صورتحال تي مسلسل نظر رکي آهي ته جئين سپلائي چين ۾ استحڪام برقرار رهي ۽ عوام کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نهن ڏيڻو پوي. اوگرا جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق پئٽروليم مصنوعات جي بنا رڪاوٽ دستيابي کي يقيني بنائڻ ۽ قيمتن ۾ غير معمولي لاهن چاڙهن دوران ذخيرا اندوزي روڪڻ لاءِ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون عارضي طور تي ريٽيل آئوٽ ليٽس کي انهن جي تاريخي سيلز پيٽرن جي بنياد تي سپلائي کي عارضي طور تي ريگيوليٽ ڪري سگهن ٿيون. اهي قدم ترسيلي نظام ۾ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ سپلائي مئنيجمنٽ جو هڪ معياري طريقيڪار آهي. هن عوام کي يقين ڏياريو ته ملڪ ۾ هن وقت پئٽرول ۽ ڊيزل جا ڪافي ذخيرا موجود آهن جيڪي مقرر حد اندر آهن، پئٽروليم مصنوعات جي ڪا به کوٽ ناهي. شهرين کي مشورو ڏنو ويو آهي ته هو افواهن تي ڌيان نه ڏين ۽ صرف سرڪاري چينلز تان جاري ڪيل معلومات تي ڀروسو ڪن.











