ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ ٿڌي رهندي: موسميات کاتو

اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهندي، جڏهن ته مٿانهين ڪي پي ڪي،گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات ۽ اونچن جبلن تي برفباري جي اميد آهي، ميداني علائقن ۾ ڏينهن جي وقت گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهڻ جي اميد آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 …

اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهندي، جڏهن ته مٿانهين ڪي پي ڪي،گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات ۽ اونچن جبلن تي برفباري جي اميد آهي، ميداني علائقن ۾ ڏينهن جي وقت گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهڻ جي اميد آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ٿڌي رهي. ميداني علائقن ۾ ڏينهن جي وقت گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهيو. اربع ڏينهن وڌ کان وڌ گرمي پد روهڙي، بهاولنگر، مٺي، شهيد بينظير آباد، دادو ۽ حيدرآباد ۾ 37 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪي ويو.

مزید خبریں