اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 10 هزار رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 5 لک 39962 رپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولي قيمت ۾ 10 هزار رپين گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 5 لک 39962رپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 8573 رپين …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 10 هزار رپين جي گهٽتائي

مزید خبریں
اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 10 هزار رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 5 لک 39962 رپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولي قيمت ۾ 10 هزار رپين گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 5 لک 39962رپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 8573 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 471503 رپين مان گهٽ ٿي 462930 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 432226 رپين مان گهٽ ٿي 424367 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 100 رپين جي واڌ کانپوءِ 9004 ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 86 رپين جي واڌ کان پوءِ 719 رپيا ٿي وئي.











