اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) نويد ڪامران بلوچ پاڪستان جي نائين وفاقي محتسب جي حيثيت سان پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو، صدر آصف علي زرداري کانئس حلف ورتو. ايوان صدر ۾ حلف برداري جي هڪ پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ اعليٰ سرڪاري عملدارن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. نويد ڪامران بلوچ چار سالن جي مدي لاءِ پنهنجي عهدي تي رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ …
نويد ڪامران بلوچ پاڪستان جي نائين وفاقي محتسب جي حيثيت سان پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو، صدر آصف علي زرداري کانئس حلف ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) نويد ڪامران بلوچ پاڪستان جي نائين وفاقي محتسب جي حيثيت سان پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو، صدر آصف علي زرداري کانئس حلف ورتو. ايوان صدر ۾ حلف برداري جي هڪ پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ اعليٰ سرڪاري عملدارن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. نويد ڪامران بلوچ چار سالن جي مدي لاءِ پنهنجي عهدي تي رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب نويد ڪامران بلوچ وسيع انتظامي تجربو رکي ٿو ۽ هو مختلف اعليٰ انتظامي عهدن تي خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. هو ان کان اڳ چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه، وفاقي سيڪريٽري ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري سميت اهم انتظامي عهدن تي رهيو آهي. حلف برداري جي تقريب کانپوءِ وفاقي محتسب صدر سان ملاقات ڪئي. صدر ان موقعي تي وفاقي محتسب کي هدايت ڪئي ته هو شهرين کي انصاف تائين پهچ بهتر بڻائڻ، ڪيسن جي جلد ۽ موثر فيصلي کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاقي ادارن ۾ شڪايتن جي وقت سر ازالي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ کي ترجيح ڏي.











