آءِ اي اي اي جي بورڊ آف گورنرز چشما نيوڪليئر پاور پلانٽ جي يونٽ 5 (سي – 5) تي حفاظتي قدم لاڳو ڪرڻ لاءِ آءِ اي اي اي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ حفاظتي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي توانائي جي شعبي جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل جي طور تي انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي بورڊ آف گورنرز متفقه طور تي چشما نيوڪليئر پاور پلانٽ جي يونٽ 5 (سي – 5) تي حفاظتي قدم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ آءِ اي اي اي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ حفاظتي معاهدي جي منظوري ڏئي …

اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي توانائي جي شعبي جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل جي طور تي انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي بورڊ آف گورنرز متفقه طور تي چشما نيوڪليئر پاور پلانٽ جي يونٽ 5 (سي – 5) تي حفاظتي قدم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ آءِ اي اي اي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ حفاظتي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اها اهم اڳڀرائي عالمي برادري جي پاڪستان پاران ائٽمي توانائي جي پرامن استعمال ۽ عالمي عدم ڦهلاءُ (نان پروليفريشن) ۽ حفاظتي ذميوارين جي پاسداري جي عزم تي مسلسل اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي. چشما نيوڪليئر پاور پلانٽ جي يونٽ سي – 5 جي مجموعي پيداواري صلاحيت 1200 ميگاواٽ (برقي) هوندي. اها پريشرائزڊ واٽرري ايڪٽر سال 2030ع تائين فعال ٿيڻ جي اميد آهي. تڪميل کانپوءِ اهو يونٽ پاڪستان جي قومي گرڊ کي گهٽ ڪاربن بجلي جو نمايان ذريعو فراهم ڪندو جيڪو توانائي جي تحفظ، ماحولياتي هدفن ۽ پائيدار اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن وقت پاڪستان 6 ائٽمي بجلي گهرن کي هلائي رهيو آهي جن جي مجموعي نصب ٿيل صلاحيت 3530 ميگاواٽ (برقي) آهي ۽ سراسري پيداواري صلاحيت (ڪيپيسٽي فيڪٽر) 90 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. گذريل سال دوران ائٽمي توانائي قومي بجلي جي مجموعي پيداوار ۾ 18.3 سيڪڙو جڏهن ته گهٽ ڪاربن بجلي جي مجموعي پيداوار ۾ 34 سيڪڙو حصو رکندي رهي. 100 کان وڌيڪ ري ايڪٽر – سال جي عملي تجربي سان گڏ پاڪستان عالمي معيارن موجب محفوظ ۽ مڪمل طور تي حفاظتي نگراني تحت ائٽمي توانائي جي آپريشنز جو مضبوط رڪارڊ برقرار رکيو آهي.

مزید خبریں