اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته قومي سلامتي ۽ خطي جي موجوده سنگين صورتحال کي نظر ۾ رکندي گذريل ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ هڪ نهايت اهم سيڪيورٽي بريفنگ منعقد ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي دفاعي ۽ سيڪيورٽي ادارن سياسي قيادت کي خطي جي بدلجندڙ صورتحال، درپيش خطرن ۽ پاڪستان جي حڪمت عمليءَ کان آگاهه ڪيو. اها ڳالهه هن …
پي ٽي آءِ ۽ مخالف ڌر جي ڪجهه پارٽين قومي بريفنگ ۾ شرڪت نه ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته سندن ويجهو قومي مفاد کان وڌيڪ اهم پنهنجي سياسي ۽ ذاتي ايجنڊا آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته قومي سلامتي ۽ خطي جي موجوده سنگين صورتحال کي نظر ۾ رکندي گذريل ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ هڪ نهايت اهم سيڪيورٽي بريفنگ منعقد ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي دفاعي ۽ سيڪيورٽي ادارن سياسي قيادت کي خطي جي بدلجندڙ صورتحال، درپيش خطرن ۽ پاڪستان جي حڪمت عمليءَ کان آگاهه ڪيو. اها ڳالهه هن ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ ٻُڌائي. هن چيو ته بدقسمتيءَ سان پي ٽي آءِ ۽ مخالف ڌر جي ڪجهه پارٽين قومي بريفنگ ۾ شرڪت نه ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو ته سندن ويجهو قومي مفاد کان وڌيڪ اهم پنهنجي سياسي ۽ ذاتي ايجنڊا آهي، جڏهن ملڪ کي اتحاد، سنجيدگي ۽ ذميداريءَ جي ضرورت آهي ته مخالف ڌر جو ان طرح جي اهم فورم مان غير حاضر رهڻ انتهائي غير ذميداراڻو ۽ افسوس جوڳو عمل آهي. هن چيو ته قومي سلامتيءَ جي معاملن تي سياست نه پر يڪجهتيءَ جي ضرورت آهي. اهڙي نازڪ وقت ۾ پوري قوم هڪ پيج تي هجي ها پر مخالف ڌر پنهنجي غير سنجدگيءَ سان نه صرف پارلياماني روايتن يک نقصان پهچايو پر عوام کي به مايوس ڪيو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جي سلامتي ۽ استحڪام تي ڪو سمجهوتو نٿو ٿي سگهي. قوم چڱيءَ ريت ڏسي ورتو آهي ته ڪير رياست سان بيٺل آهي ۽ ڪير سياست چمڪائڻ ۾ مصروف آهي.











