اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ مختلف پارلياماني پارٽين موجوده حالتن ۾ گڏيل اتحاد ۽ اتفاق جي ضرورت تي زور ڏيندي خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ انهن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن ۽ نمائندن جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي …
قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ مختلف پارلياماني پارٽين پاران موجوده حالتن ۾ گڏيل اتحاد ۽ اتفاق جي ضرورت تي زور، خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي واکاڻ

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ مختلف پارلياماني پارٽين موجوده حالتن ۾ گڏيل اتحاد ۽ اتفاق جي ضرورت تي زور ڏيندي خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ انهن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن ۽ نمائندن جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي پاڪستان افغانستان صورتحال، ايران، وچ اوڀر ۽ نار ۾ ڇڪتاڻ ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي حوالي سان اِن ڪئميره بريفنگ ڏني وئي. بيان موجب اجلاس ۾ شريڪ سياسي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن پنهنجي خيالن جو کلي اظهار ڪيو. شرڪت ڪندڙن موجوده حالتن ۾ گڏيل اتحاد ۽ اتفاق جي ضرورت تي زور ڏيندي خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان پاران سفارتي ڪوششن کي ساراهيو، انهن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي تجويزون پيش ڪيون جڏهن ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سمورن شرڪت ڪندڙن مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو. شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي وسيع تر مفاد ۾ سموري سياسي قيادت کي اعتماد ۾ وٺڻ جي وزيراعظم جي قدم کي ساراهيندي سندس ٿورا مڃيا.











