هارون اختر جي صدارت ۾ اجلاس، آزاد ڪشمير ۾ معاشي ترقي کي هٿي وٺرائڻ، ايس ايم اي سيڪٽر کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن تي غور

اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) صنعت ۽ پيدوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر آزاد ڪشمير جي چيف سيڪريٽري سان گجي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت  ڪئي، جنهن ۾ خطي ۾ معاشي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۽ سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز (ايس ايم اي) سيڪٽر کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي هارون اختر خان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف …

اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) صنعت ۽ پيدوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر آزاد ڪشمير جي چيف سيڪريٽري سان گجي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت  ڪئي، جنهن ۾ خطي ۾ معاشي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۽ سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز (ايس ايم اي) سيڪٽر کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي هارون اختر خان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي، خاص ڪري ايس ايم اي سيڪٽر کي هٿي وٺرائڻ ذريعي معاشي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ تي زور ڀريو پيو وڃي. هن اعلان ڪيو ته عيد کانپوءِ سميڊا آزاد ڪشمير ۾ فني ۽ هنرمندي جا تربيتي پروگرامز شروع ڪندي، جن ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. حڪومت  جي ترجيحن کي اجاگر ڪندي هن چيو ته ايس ايم ايز کي قرضن ۽ مالي سهولتن تائين پهچ فراهم ڪرڻ اولين هدف آهي ۽ آزاد ڪشمير ۾ ان حوالي سان خصوصي قدم کنيا ويندا. اسٽيٽ بئنڪ طرفان ايس ايم ايز جي دستاويزي عمل بابت خدشن جو اظهار ڪيو ويو، جنهن جي جواب ۾ سميڊا ڪاروبارن جي باقاعده رجسٽريشن ۽ دستاويزي شڪل جي حوصلا افزائي لاءِ خصوصي تربيت فراهم ڪندي ته جيئن هو مالياتي سهولتن مان بهتر طور تي فائدو کڻي سگهن. خاص مددگار اسٽيٽ بئنڪ کي هدايت ڪئي ته هو ايس ايم ايز کي فنانسنگ ۽ ڪريڊٽ سهولتن جي فراهمي ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪري، موثر عملدرآمد ۽ نگراني کي يقيني بڻائڻ لاءِ ورڪنگ گروپس ۽ فالو اپ مڪينزم به جوڙيو ويو آهي ته جيئن آزاد ڄمون ڪشمير ۾ اڳڀرائي جو باقاعده جائزو وٺي سگهجي.

مزید خبریں