بيجنگ-04 مارچ (اي پي پي) شنگهائي ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل شهزاد احمد خان چيو آهي ته چين جو 15 هون پنجن سالن وارو منصوبو نه رڳو چين پر عالمي معيشت لاءِ به غير معمولي اهميت رکي ٿو. هن چائنا اڪنامڪ نيٽ کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته 2026ع ۾ 15 هين پنج سالن واري منصوبي جي شروعات ۽ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي …
چين جو 15هون پنجن سالن وارو منصوبو عالمي ترقي ۽ گڏيل خوشحالي کي سگهه ڏيندو: پاڪستاني قونصل جنرل

مزید خبریں
بيجنگ-04 مارچ (اي پي پي) شنگهائي ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل شهزاد احمد خان چيو آهي ته چين جو 15 هون پنجن سالن وارو منصوبو نه رڳو چين پر عالمي معيشت لاءِ به غير معمولي اهميت رکي ٿو. هن چائنا اڪنامڪ نيٽ کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته 2026ع ۾ 15 هين پنج سالن واري منصوبي جي شروعات ۽ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه گڏ ملهائي ويندي، جيڪا ٻطرفن لاڳاپن لاءِ تاريخي اهميت رکي ٿي. پاڪستاني قونصل جنرل چيو ته هو خاص طور تي چين جي اعليٰ معيار جي ترقي ۽ ان جي ٻاهرين بيهڪ بابت اهڃاڻن جا منتظر آهن. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته چين گهڻ رخي نظام ۽ عالمي رابطن جي منصوبن جهڙوڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو سان پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪندو ۽ اسرندڙ ملڪن سميت پاڪستان لاءِ گڏيل فائدي تي ٻڌل تعاون کي هٿي ڏيندو. قونصل جنرل دلچسپي جي ڪيترن ئي اهم شعبن جو خاڪو پيش ڪيو، جن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جون پاليسيون، عالمي تعاون، جدت طرازي ۽ ماحول دوست اوسر شامل آهن. هن چيو ته اسان جائزو وٺي رهيا آهيون ته چين ڪهڙي طرح گرين ٽيڪنالاجيز ۽ ڊجيٽل جدت کي پنهنجي معاشي مشينري ۾ ضم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. پاڪستاني قونصل جنرل چيو ته 15 هون پنجن سالن وارو منصوبو عالمي معيشت لاءِ به هڪ اهم موڙ آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب چين گذريل سالن ۾ عالمي اقتصادي ترقي ۾ اٽڪل 30 سيڪڙو حصو وجهندو رهيو آهي، 14هون پنج سالن وارو منصوبو (2025-2021ع) دوران چين جي مجموعي قومي پيداوار 2025ع ۾ 140 کرب يو آن کان ٽپي وئي، ۽ چين دنيا جي ٻي وڏي معيشت طور پنهنجي پوزيشن برقرار رکي آهي، جيڪا عالمي اقتصادي پيداوار جو اٽڪل ڇهون حصو آهي. قونصل جنرل چيو ته هڪ پراعتماد چيني معيشت دنيا لاءِ هڪ طاقتور انجڻ جي حيثيت رکي ٿي، اسان اميد ڪريون ٿا ته اجلاسن دوران اوسر جي شرح جو اهڙو هدف مقرر ڪيو ويندو جيڪو چين جي مضبوط ۽ اعليٰ معيار جي ترقي جي رخ جو عڪاسي ڪري يا اهڙي ترقي جيڪا جدت ۽ استحڪام وچ ۾ توازن قائم رکي. هن وضاحت ڪئي ته پاڪستان لاءِ ان جا سڌي طرح ۽ ٺوس فائدا هوندا. هڪ مضبوط چيني معيشت سان مارڪيٽ تائين وڌيڪ پهچ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿئي ٿو، جنهن سان سرحدن جي ٻي پار موقعا پيدا ٿين ٿا. پنهنجي روزمره جي تجربن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته شنگهائي ۽ يانگسي ريور ڊيلٽا خطي ۾ پرڏيهين لاءِ سهولتن ۾ نمايان بهتري آئي آهي، موبائيل ادائيگين ۽ ڊجيٽل خدمتن کي عالمي صارفين لاءِ وڌيڪ موزون بڻايو ويو آهي جڏهن ته ويزا عمل کي به آسان بڻايو ويو آهي، هن چيو ته اها اڳڀرائي چين جي وڏي ۽ گڏيل مستقبل جي ويزن جو ثبوت آهي.











