پاڪستان جي 9 ماھيگيرن کي سندن جھاز تان بندر عباس منتقل ڪري ڇڏيو آھي: ايران ۾ پاڪستاني سفير

اسلام آباد - 04 مارچ (اي پي پي) ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو چيو آھي ته گذريل رات پاڪستان جي 9 ماھيگيرن کي سندن جھاز تان بندر عباس منتقل ڪري ڇڏيو آھي، شديد چئلينجز جي باوجود سندن واپسي ممڪن ٿي سگھي آھي. گذريل ڏينھن ”ايڪس“ تي ھڪ پوسٽ ۾ ھن چيو ته ٻڌائيندي خوشي ٿي رھي آھي ته گذريل رات اسان پنھنجي 9 ماھيگيرن کي سندن جھاز تان …

اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو چيو آھي ته گذريل رات پاڪستان جي 9 ماھيگيرن کي سندن جھاز تان بندر عباس منتقل ڪري ڇڏيو آھي، شديد چئلينجز جي باوجود سندن واپسي ممڪن ٿي سگھي آھي. گذريل ڏينھن ”ايڪس“ تي ھڪ پوسٽ ۾ ھن چيو ته ٻڌائيندي خوشي ٿي رھي آھي ته گذريل رات اسان پنھنجي 9 ماھيگيرن کي سندن جھاز تان بندر عباس منتقل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھيون. سفير چيو ته انھن مان 6 ماھيگيرن پنھنجي مرضي سان جھاز تي ئي رھڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني سفير چيو ته قونصلر خالد شفين ۽ شاھد ڪشميري سندن نيڪالي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. ھن چيو ته اڄ ڪجھه ماھيگيرن سان فون تي ڳالھه ٻولھه ڪري سندن خيريت دريافت ڪئي، انھن کي اڄ ئي پاڪستان روانو ڪيو پيو وڃي. پاڪستاني سفير انھن سمورن ماڻھن خاص طور قونصلر خالد شفين ۽ شاھد ڪشميري جو دل سان شڪريو ادا ڪيو، جن سندن پاڪستان واپسي جي عمل ۾ مدد ڪئي ۽ سندن ڪوششن سان مشڪلاتن باوجود سندن واپسي ممڪن ٿي.

مزید خبریں