وفاقي وزير سردار محمد يوسف پاران اسلام آباد ۾ قائم ملڪ جي پهرين قرآن ري سائيڪلنگ پلانٽ جو دورو

اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهمب هم آهنگي بابت وفاقي وزير سردار محمد يوسف اسلام آباد ۾ قائم ملڪ جي پهرين قرآن ري سائيڪلنگ پلانٽ جو دورو ڪيو ۽ ان کي جلد کان جلد فعال بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن، ان منصوبي جو مقصد پراڻن ۽ شهيد مقدس ورقن کي شرعي اصولن موجب محفوظ بڻائڻ ۽ کين ٻيهر استعمال جوڳو بڻائڻ آهي. قرآن ري …

اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهمب هم آهنگي بابت وفاقي وزير سردار محمد يوسف اسلام آباد ۾ قائم ملڪ جي پهرين قرآن ري سائيڪلنگ پلانٽ جو دورو ڪيو ۽ ان کي جلد کان جلد فعال بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن، ان منصوبي جو مقصد پراڻن ۽ شهيد مقدس ورقن کي شرعي اصولن موجب محفوظ بڻائڻ ۽ کين ٻيهر استعمال جوڳو بڻائڻ آهي. قرآن ري سائيڪلنگ پلانٽ جي دوري جي موقعي تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ قرآن پاڪ جي شهيد ورقن ۽ پراڻن نسخن جي حفاظت لاءِ جڳهه جي گهٽتائي هئي جنهن سبب بي حرمتي جو خدشو رهندو هو، ان پلانٽ جو قيام وقت جي اهم ضرورت هئي. هن چيو ته پلانٽ لڳائڻ کان اڳ مشهور عالم سڳورن کان باقاعده فتويٰ حاصل ڪئي وئي ته ري سائيڪلنگ جو پورو عمل شرعي گهرجن موجب هجي. وفاقي وزير چيو ته سڄي پاڪستان ۾ مقدس ورق ۽ نسخا هتي آندا ويندا جتي انهن کي جديد سائنسي طريقي سان ري سائيڪل ڪري ان جي سياهي ۽ ڪاغذ کي محفوظ بڻايوو يندو، هن ٻڌايو ته اهو پاڪستان جو پهريون وڏو منصوبو آهي جيڪو سرڪاري سطح تي مذهبي معاملن جي انتظام هيٺ مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ تمام جلد فعال ٿي ويندو، مذهبي معاملن واري وزاررت جي تحقيق واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل حافظ عبدالقدوس اي پي پي سان ڳالهائيندي منصوبي جا فني ۽ انتظامي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هن پروجيڪٽ لاءِ صوبائي اوقاف کاتي، قرآن بورڊز ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڊگهي مشاورت ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته پلانٽ لاءِ جديد ترين مشينري چائنه کان گهرائي وئي آهي جنهن کي شريعت جي روشني ۾ جوڙيل قاعدن ۽ ضابطن ۽ ادبن کي سامهون رکندي هلايو ويندو، پاڪستان سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جهڙن اهم اسلامي ملڪن جي نقش قدم تي هلندو، وفاقي گادي واري شهر ۾ ملڪ جي پهرين وڏي قرآن ري سائيڪلنگ پلانٽ کي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هي منصوبو پاڪستان کي انهن چونڊيل ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيندو جتي جديد ٽيڪنالاجي کي مقدس ورقن جي حرمت ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. حج ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ قائم ان پلانٽ ۾ ڪاغذ مخصوص مرحلي مان گذاري ٻيهر استعمال جوڳو بڻجي ويندو. اهو پراجيڪٽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل هزيرو ويسٽ ماڊل تي ٻڌل آهي، پرڏيهه مان گهرايل ان مشينري کي شرعي گهرجن موجب ڪسٽمائيز ڪيو ويو آهي ته جيئن ري سائيڪلنگ دوران ادب ۽ احترام برقرار رهي. ٻين اسلامي ملڪن وانگر هتي به مس کي ڌار ڪرڻ جو جديد سسٽم لڳايو ويو آهي جيڪو ان کي گندي پاڻي ۾ شامل ٿيڻ کان روڪي ٿو. هي پلانٽ روزانو هڪ ٽن مقدس ورقن کي ٻيهر ڪارآمد پلپ ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پاڪستان جو اهو قدم ثابت ڪري ٿو ته عقيدت جڏهن جديد سائنس سان هم آهنگ ٿيندي آهي، ته اها دنيا آڏو هڪ رول ماڊل بڻجي اڀري ٿي. اهو پلانٽ هاڻي پاڪستان ۾ قرآن پاڪ جي احترام جو هڪ نئون باب آهي.

مزید خبریں