اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت ايران ۽ ٻين نار ملڪن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي سهولت ۽ معاونت جي لاءِ جامع قدم کنيا آهن، پاڪستان مختلف مسلمان ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ سفارتڪارن سان رابطو ڪيو آهي، چاهيون ٿا ته نار ملڪ سفارتڪاري طرف واپس اچن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار …
حڪومت ايران ۽ ٻين نار ملڪن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي سهولت ۽ معاونت جي لاءِ جامع قدم کنيا آهن، پاڪستان مختلف مسلمان ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ سفارتڪارن سان رابطو ڪيو آهي، چاهيون ٿا ته نار ملڪ سفارتڪاري طرف واپس اچن: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت ايران ۽ ٻين نار ملڪن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي سهولت ۽ معاونت جي لاءِ جامع قدم کنيا آهن، پاڪستان مختلف مسلمان ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ سفارتڪارن سان رابطو ڪيو آهي، چاهيون ٿا ته نار ملڪ سفارتڪاري طرف واپس اچن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس ۾ وچ اوڀر جي موجوده صورتحال خاص طور تي نار ملڪن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي مسئلي تي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن چيو ته ايران پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي، جيڪڏهن صورتحال نازڪ ٿئي ٿي ته ان جو اثر اسان تي به پوندو، چين به چاهي ٿو ته خطي ۾ امن بحال ٿئي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته واپس ايندڙ پاڪستاني شهرين جي مدد جي لاءِ خصوصي سهولت ڊيسڪ قائم ڪيا ويا آهن، پرڏيهي وزارت جو ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ 24 ڪلاڪ فعال آهي ۽ ان جا رابطا نمبرز سرڪاري ايڪس هينڊل تي دستياب آهن. هن چيو ته ايران جي شهرن تهران، زاهدان ۽ مشهد ۾ ٽي سهولت مرڪز قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن پاڪستانين جي رهنمائي ۽ مدد ڪري سگهجي. هن چيو ته ڦاٿل پاڪستانين جي هر ممڪن مدد جي لاءِ پاڪستان مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن سان رابطي ۾ آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ابوظهبي ۾ پاڪستان جو سفارتخانو ۽ جده ۽ دبئي ۾ قونصل خانا پاڪستاني شهرين جي فعال مدد ڪري رهيا آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير بحرين، اومان، ڪويت، سعودي عرب، قطر، ايران ۽ آذربائيجان جا پاڪستاني برادري سان تعاون ۽ مدد تي ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته هيستائين 792 پاڪستاني ايران مان واپس اچي چڪا آهن جڏهن ته اٽڪل 33 هزار پاڪستاني هن وقت اتي ترسيل آهن. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جا شهري ايران ۽ ڪجهه نار رياستن ۾ ڦاٿل آهن ڇو ته اومان ۽ سعودي عرب کانسواءِ فضائي حدون بند آهن جڏهن ته زميني رستا کليل آهن جيڪي جيتوڻيڪ وقت طلب آهن پر ڪيترائي ملڪ انهن جي ذريعي انخلا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عراق جون فضائي حدون به بند آهن ان لاءِ عراق ۾ موجود پاڪستاني زائرين جي پڻ مدد ڪئي پئي وڃي. نائب وزيراعظم چيو ته ابوظهبي ۾ ميزائيل ڪِرڻ سبب هڪ پاڪستاني شهري شهيد ٿيو آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ايران ۽ نار ملڪن ۾ صورتحال خراب آهي، پاڪستان چاهي ٿو ته نار ملڪ سفارتڪاري طرف واپس اچن، ايران ۽ نار ملڪن جا فضائي روٽس بند آهن، پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو ايران ۽ نار ملڪن ۾ ڦاٿل آهن. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته نار ملڪن ۾ اٽڪل 34 لک پاڪستاني موجود آهن. هن چيو ته مخطتلف ملڪ زميني رستن کي استعمال ڪري رهيا آهن، ابوظهبي ۾ سفارتخانو ۽ جده ۽ دبئي ۾ قونصل خانا فعال آهن، ايران ۾ 3 سينٽرز تهران، زاهدان ۽ مشهد ۾ فعال آهن، خصوصي سهولت ڊيسڪ جو مقصد پاڪستانين جي مدد آهي، 300 جي لڳ ڀڳ ايراني به پاڪستان آيل آهن. هن چيو ته باڪو مان اڏامون آپريشنل آهن، ايران مان 64 پاڪستاني آذربائيجان پهتا آهن، پاڪستانين جي انخلا ۾ مدد تي آذربائيجان حڪومت جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان داخل ٿيڻ تي پنهنجي شهرين جي مدد کي يقيني بڻايو پيو وڃي.











