اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ جي صدر طاهر يعقوب ڀٽي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي زرعي شعبي جي مجموعي صورتحال، آبادگارن کي درپيش چئلينجز ۽ زرعي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جاري قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بئنڪ جي صدر سينيٽ چيئرمين کي بئنڪ طرفان آبادگارن ۽ زميندارن لاءِ متعارف …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ جي صدر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ جي صدر طاهر يعقوب ڀٽي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي زرعي شعبي جي مجموعي صورتحال، آبادگارن کي درپيش چئلينجز ۽ زرعي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جاري قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بئنڪ جي صدر سينيٽ چيئرمين کي بئنڪ طرفان آبادگارن ۽ زميندارن لاءِ متعارف ڪرايل قرضن واري پروگرام تي بريفنگ ڏني. هن ٻُڌايو ته بئنڪ آسان شرطن تي مالي سهولتون ۽ مختلف رليف پيڪيجز فراهم ڪري رهي آهي ته جيئن زرعي پيداوار ۾ واڌ ڪري سگهجي. هن آگاهه ڪيو ته جديد گهرجن موجب ٻج، ڀاڻ، زرعي مشينري ۽ ٻين ضروري زرعي خرچن لاءِ آبادگارن کي وقت سر مالي معاونت فراهم ڪئي پئي وڃي جنهن جو مقصد زرعي شعبي کي مستحڪم بڻائڻ آهي. هن ننڍن آبادگارن ۽ وچولي درجي جي زميندارن لاءِ متعارف ڪيل خاص اسڪيمن کان به آگاهه ڪيو. انهن اسڪيمن تحت آسان قسطن، گهٽ شرح ۽ شفاف طريقيڪار ذريعي قرضن جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ آبادگار فائدو کڻي سگهن. سينيٽ چيئرمين بئنڪ جي ڪاوشن کي ساراهيندي چيو ته زراعت پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي ۽ آبادگارن کي رليف فراهم ڪرڻ قومي ترجيح آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پارليامينٽ آبادگار دوست پاليسين ۽ زرعي شعبي جي ترقي لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکندي. هن هدايت ڪئي ته قرضن جي فراهميءَ جو عمل وڌيڪ آسان، شفاف ۽ عام آبادگارن جي دسترس ۾ بڻايو وڃي ته جيئن زرعي ترقي ۽ ٻهراڙي خوشحالي جا هدف اثرائتي انداز ۾ حاصل ڪري سگهجن.











