اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ ميمبرن خطي جي موجوده صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته مسلم ملڪن کي پاڻ ۾ اتحاد جو مظاهرو ڪندي گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻو پوندو، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي جڏهن ته پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتيءَ تي ڪو سمجهوتو نه ڪندو. قومي اسيمبليءَ ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل …
خطي جي موجوده صورتحال ڳڻتي جوڳي، مسلم ملڪن کي اتحاد جو مظاهرو ڪندي گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي: قومي اسيمبلي جي ميمبرن جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ ميمبرن خطي جي موجوده صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته مسلم ملڪن کي پاڻ ۾ اتحاد جو مظاهرو ڪندي گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻو پوندو، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي جڏهن ته پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتيءَ تي ڪو سمجهوتو نه ڪندو. قومي اسيمبليءَ ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته ايجنڊا تي ٻَڌل ڪجهه بلن کان علاوه معمول جي ايجنڊا معطل ڪري خطي جي موجوده صورتحال تي بحث ڪرائڻ جي رٿ پيش ڪئي، جنهن جي ايوان منظوري ڏني. بحث جي شروعات ڪندي مخالف ڌر ميمبر انيقه مهدي چيو ته سچ لاءِ ڄمي وڃڻ ئي دين جو درس آهي، خودداري قيمت گهري ٿي، آيت الله خامنه اي جان ڏئي ڇڏي پر باطل آڏو جُهڪڻ کان انڪار ڪيو. پ پ جي ميمبر عبدالقادر پٽيل چيو ته اسان پنهنجي بهادر فوج جون روزانو تصويرون ۽ شهادتن جون خبرون ڏسون ٿا ته دل ڏکوئجي ٿو، الله ڪريم پاڪ فوج ۽ اسان جي محافظن کي منافقن کان بچائڻ ۽ غيرن جي سازشن کان وطن عزيز کي محفوظ بنائي ۽ ان شيطان جو مقابلو ڪرڻ جي توفيق ڏي. مسلم اُمت جي سڀ کان وڏي ليڊر آيت الله خامنه اي 86 سالن جي عمر ۾ شهادت ماڻي، هن وقت مسلم ملڪن کي متحد ٿيڻو پوندو، مسلم اُمت مٿان ڏاڍ تي خاموش نه رهڻ گهرجي. سفارتي محاذ تي ان قتل عام کي روڪڻ لاءِ آواز اُٿارڻو پوندو، اسان کي ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته هڪ عظيم مسلمان جي شهادت تي مسلم اُمت خاموش آهي جيڪو ڏکوئيندڙ آهي، بي حسي جي ڪا معافي ناهي، اسان سڀ کان پهرين پاڪستان جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ايم ڪيو ايم جي ميمبر سبين غوري چيو ته پاڪستان طرف جيڪو ميري اک کڻندو اها اک ڪڍي ڇڏبي. افغان طالبان کي پاڪستان مُنهن ٽوڙ جواب ڏئي رهيو آهي. طالبان اهڙي وقت ۾ جڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل، ايران تي حملو ڪيو آهي تيستائين هو اسرائيل ۽ ڀارت کان مدد طلب ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي ايٽمي قوت ان کي دشمنن کان بچائي رکيو آهي، پاڪستان، افغانستان، ڀارت ۽ اسرائيل کي اهو واضح پيغام ڏئي رهيو آهي ته اسان جي طرف ميري اک سان نه ڏسجو، اسان اها اک ڪڍي ڇڏينداسين. سحر ڪامران چيو ته مان آيت الله خامنه اي جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿي، پاڻ اسلام جو علمبردار هو، هن اسلام جي سربلنديءَ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪئي. هن چيو ته صيهوني سازش خطي جو امن تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيل پوري مسلم اُمت کي شديد جنگ جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. نار ملڪن ۾ به جنگ جاري آهي، اتي وڏي انگ ۾ پاڪستاني موجود آهن، صدرِ مملڪت آصف علي زرداري انهن حالتن ۾ بهتر سفارتڪاري ڪري سگهن ٿا. پاڪستان امن چاهي ٿو، اسان هميشه خطي ۾ امن جي ڳالهه ڪئي آهي، مسلمان متحد نه ٿيا ته پنهنجي واري جو انتظار ڪريو. سيده شهلا رضا چيو ته ملڪ جي صورتحال نازڪ آهي، ٻن سرحدن تي ڇڪتاڻ آهي، دشمن عوام ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،. هن چيو ته آيت الله خامنه اي جي شهادت مان ثابت ٿيو آهي ته نظريا سدائين قائم رهن ٿا، هن شهادت ڏني پر غلامي تسليم نه ڪئي، ايران جي عوام ٻُڌائي ڇڏيو آهي ته هو طاقتن کان نٿي ڊڄي. هن چيو ته ايران جي عوام سان استقامت آهي ۽ اها ئي سندن سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. مير غلام علي ٽالپر چيو ته آيت الله خامنه اي جي شهادت هڪ سانحو آهي، نؤ آبادياتي دؤر جي خاتمي کانپوءِ هڪ به مسلمان ملڪ کي اُڀرندي نٿو ڏنو وڃي، پهرين فرانس ۽ جرمني اهوئي ڪردار ادا ڪندا هئا، هاڻ آمريڪا اهو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان کان وٺي ترڪيه تائين اسلامي ملڪن خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه جو تحفظ هاڻ تمام ضروري ٿي ويو آهي.











