سينيٽ چيئرمين پاران هندو برادريءَ کي هوليءَ جي ڏڻ تي واڌايون

اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سڄي ملڪ ۾ رهندڙ هندو برادري کي رنگن جي ڏڻ هولي جي خوشين جي موقعي تي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن ۽ سندن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي خاص پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته هولي خوشين، محبت، امن، رواداري ۽ گڏيل احترام جو حسين پيغام ڏئي ٿي. هي ڏڻ نه صرف رنگن جي بهار …

اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سڄي ملڪ ۾ رهندڙ هندو برادري کي رنگن جي ڏڻ هولي جي خوشين جي موقعي تي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن ۽ سندن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي خاص پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته هولي خوشين، محبت، امن، رواداري ۽ گڏيل احترام جو حسين پيغام ڏئي ٿي. هي ڏڻ نه صرف رنگن جي بهار کڻي اچي ٿو، پر دلين کي نوڙڻ، رنجشن کي مٽائڻ ۽ مختلف مذهبن ۽ ثقافتن کي مڃڻ وارن وچ ۾ ڀائيچاري ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جو ذريعو به بڻجي ٿو. هن چيو ته اهڙو ڏڻ معاشرتي يڪجهتي کي مضبوط بنائڻ ۽ قومي اتحاد کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. سينيٽ چيئرمين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان هڪ گهڻ ثقافتي ۽ گهڻ مذهبي معاشرو آهي، جتي سمورن شهرين کي پاڪستان جي آئين تحت مساوي حقن ۽ مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي. هن چيو ته اقليت اسان جي قومي ڌارا جو هڪ اهم ۽ فخر جوڳو حصو آهن، جن ملڪ جي تعمير ۽ ترقي، تعليم، صحت، واپار ۽ ٻين شعبن ۾ نمايان خدمتون انجام ڏنيون آهن. سيد يوسف رضا گيلاني ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته رياست اقليتن جي جان ۽ مال جي تحفظ، ان جي مذهبي ماڳن جي حفاظت ۽ ان جي آئيني ۽ سماجي حقن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجون ذميداريون پوريون ڪندو رهندو. سينيٽ چيئرمين دُعا ڪئي ته هولي جو اهو خوشين ڀريو ڏينهن ملڪ ۾ امن، استحڪام، خوشحالي ۽ اتحاد کي وڌيڪ هٿي ڏئي ۽ هندو برادري سميت سمورن پاڪستانين لاءِ ڪاميابين ۽ مسرتن جو پيغام ثابت ٿئي.

مزید خبریں