قومي اسيمبلي ورچوئل اثاثن واري بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ورچوئل اثاثن واري بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبليءَ ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري رٿ پيش ڪئي ته ورچوئل اثاثن ۽ ورچوئل اثاثن جون خدمتون فراهم ڪندڙن کي لائسنس ڏيڻ، ڪنٽرول ۽ نگرانيءَ لاءِ ڪنٽرول اٿارٽي قائم ڪرڻ جو بل سينيٽ طرفان منظور ڪيل صورت ۾ فوري غور هيٺ آندو وڃي. رٿ جي منظوريءَ کان …

اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ورچوئل اثاثن واري بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبليءَ ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري رٿ پيش ڪئي ته ورچوئل اثاثن ۽ ورچوئل اثاثن جون خدمتون فراهم ڪندڙن کي لائسنس ڏيڻ، ڪنٽرول ۽ نگرانيءَ لاءِ ڪنٽرول اٿارٽي قائم ڪرڻ جو بل سينيٽ طرفان منظور ڪيل صورت ۾ فوري غور هيٺ آندو وڃي. رٿ جي منظوريءَ کان پوءِ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير رٿ پيش ڪئي ته ورچوئل اثاثن وارو بل 2026ع منظور ڪيو وڃي جنهن جي ڊپٽي اسپيڪر شق وار منظوري ورتي. بعد ۾ هن بل ايوان ۾ منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو، جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.

مزید خبریں