لاڙڪاڻو 03 مارچ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري ضلعي ۾ پيشه ور پنندڙ فقيرن خلاف سخت قانوني ڪارروائيون ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي واضح طور تي ھدايتون ڏنيون ويون آهن ته چوراھن ، واپاري مرڪزن ۽ عوامي هنڌن تي پيشيور فقيرن خلاف فوري طور تي ڪيس داخل ڪري مؤثر ڪارروائي ڪئي وڃي. ايس ايس پي …
ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري پاران ضلعي ۾ پيشه ور پنندڙ فقيرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو حڪم

مزید خبریں
لاڙڪاڻو 03 مارچ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري ضلعي ۾ پيشه ور پنندڙ فقيرن خلاف سخت قانوني ڪارروائيون ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي واضح طور تي ھدايتون ڏنيون ويون آهن ته چوراھن ، واپاري مرڪزن ۽ عوامي هنڌن تي پيشيور فقيرن خلاف فوري طور تي ڪيس داخل ڪري مؤثر ڪارروائي ڪئي وڃي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو جو چوڻ آهي ته پيشيور فقير شهرين کي هراسان ڪرڻ سان گڏوگڏ ٽريفڪ جي رواني ۾ خلل ۽ ڏوھن ۾ اضافي جو سبب بڻجن رھيا آھن جڏهن ته ڪيترن ئي واقعن ۾ ڏوھاري ماڻھو فقيرن جي روپ ۾ وارداتن ۾ به ملوث آھن. ان معاملي ۾ پوري ضلعي جي مختلف شهرن ۾ پوليس جي طرفان فقيرن منظم گروھن خلاف ڪارروائيون جاري آهن ۽ ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو وڌيڪ هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته فقيرن جي نيٽ ورڪ کي سهولت فراهم ڪندڙ ماڻهن، ٺيڪيدارن ۽ ٻارن کي پنڻ تي مجبور ڪندڙن خلاف به بنا ڪنهن فرق جي قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو اميد ظاهر ڪئي آھي ته شھري پيشيور فقيرن جي خاتمي جي لاءِ پوليس سان تعاون ڪندا ۽ اهڙن ماڻهن بات اطلاع فوري طور تي پوليس کي ڏيندا ته جيئن شهر کي پيشيور فقيرن کان پاڪ ڪيو وڃي.











