اتر بلوچستان جي حساس علائقن ۾ دشمن عنصرن پاران اجائي مداخلت ۽ زميني حملن جي ڪوشش کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد -03 مارچ (اي پي پي) وفاقي پارلياماني معاملن بابت وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته اتر بلوچسان جي حساس علائقن قلعه سيف الله، نوشڪي ۽ چمن ۾ دشمن عنصرن جي اجائي مداخلت ۽ زميني حملن جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي وئي، پر پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪندي سمورن حملن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان …

اسلام آباد -03 مارچ (اي پي پي) وفاقي پارلياماني معاملن بابت وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته اتر بلوچسان جي حساس علائقن قلعه سيف الله، نوشڪي ۽ چمن ۾ دشمن عنصرن جي اجائي مداخلت ۽ زميني حملن جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي وئي، پر پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪندي سمورن حملن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترائي دهشتگرد پنهنجي عبرتناڪ انجام کي پهتا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي فرار ٿيڻ تي مجبور ٿيا. اهڙي طرح خيبر پختونخوا ۾ به دهشتگردي جي هڪ ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي وڏي تعداد ۾ شدت پسندن کي ماريو ويو. هن چيو ته اهي ڪارروائيون ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته اسان جي فوج هر وقت چوڪس، پيشيور ۽ مادر وطن جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي، دشمن چاهي ڪنهن به روپ ۾ اچي، ان کي هر محاذ تي عبرتناڪ شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو. هن چيو ته ايف سي بلوچستان جي ان بهادر سپاهي کي سلام پيش ڪيان ٿو جنهن وطن جي تحفظ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي، شهيد اسان جي طاقت ۽ عزم جي علامت آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جون سرحدون محفوظ آهن، قوم پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ امن دشمن عنصرن لاءِ هن ڌرتي تي ڪا به جڳهه ناهي.

مزید خبریں