اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيجيٽل ادائيگين جي نظام جا هدف مقرر مدي ۾ حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪيش ليس اڪانومي جي فروغ بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، علي پرويز ملڪ، …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ڊيجيٽل ادائيگين جي نظام جا هدف مقرر مدي ۾ حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيجيٽل ادائيگين جي نظام جا هدف مقرر مدي ۾ حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪيش ليس اڪانومي جي فروغ بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، علي پرويز ملڪ، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران پگهارن، پينشنز ۽ وينڊرز کي ادائيگيون راست جي ڊيجيٽل ادائيگي جي نظام تي منتقل ڪرڻ تي معاشي ٽيم ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي واکاڻ ڪئي ۽ جولاءِ 2025ع کان جنوري 2026ع تائين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران راست جي ذريعي 1.6 ٽريلين جون ادائيگيون ڪرڻ تي ناڻي واري وزارت جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج تحت هيستائين 71 سيڪڙو مستحق ماڻهن تائين امدادي رقم جي فراهمي تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي ٽيم جي پڻ واکاڻ ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال مستحقين کي رقم جي فراهمي رمضان جي 12هين ڏينهن تائين 24 سيڪڙو جڏهن ته هلندڙ سال وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي وقت سر قدمن سان اها 71 سيڪڙو جي حد عبور ڪري چڪي آهي. وزيراعظم ڊيجيٽل ادائيگين جي نظام جا هدف مقرر مدي ۾ حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊيجيٽل بئنڪنگ مان فائدو حاصل ڪندڙ ماڻهن جو انگ 127 ملين کان وڌي چڪو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورا سرڪاري ادارا شهرين کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان سمورن بلز تي ڪيو آر ڪوڊ فراهم ڪن. اجلاس کي ناڻي واري وزارت، اسٽيٽ بئنڪ، بي آءِ ايس پي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن ملڪ ۾ ڊيجيٽل ادائيگين جي حوالي سان قدمن کان آگاهه ڪيو. اجلاس کي ڊيجيٽل ادائيگين جي ايڪو سسٽم جي حوالي سان ڊيش بورڊ تي بريفنگ پڻ ڏني وئي.











