اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان دل ۽ جان سان ايران سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ جي اندر ان معاملي کي غلط رنگ ڏيڻ مناسب نه آهي، ڌرين کي ڳالهه ٻولهه جي ميز تي آڻڻ جي لاءِ پاڪستان مسلسل ڪوششون ڪري رهيو آهي. سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 28 فيبروري تي پاڪستان ايران …
پاڪستان دل ۽ جان سان ايران سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ جي اندر ان معاملي کي غلط رنگ ڏيڻ مناسب نه آهي: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان دل ۽ جان سان ايران سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ جي اندر ان معاملي کي غلط رنگ ڏيڻ مناسب نه آهي، ڌرين کي ڳالهه ٻولهه جي ميز تي آڻڻ جي لاءِ پاڪستان مسلسل ڪوششون ڪري رهيو آهي. سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 28 فيبروري تي پاڪستان ايران تي حملي جي صورتحال تي پهريون باضابطا ردعمل ڏنو جڏهن ته آيت الله علي خامنه اي جي شهادت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پهرين مارچ تي تعزيتي بيان جاري ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هر فورم تي اهو موقف اختيار ڪيو ته مسئلو عالمي قانونن ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ٿيڻ گهرجي. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته گذريل ٽن ڏينهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن سان رابطا ڪيا ويا ۽ عمان جي پرڏيهي وزير سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي ته ڳالهه ٻولهه جي ذريعي مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. هن ياد ڏياريو ته جون ۾ به اران تي حملو ٿيو هو ۽ ان وقت به پاڪستان ترڪيه، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر ۽ يورپي يونين سميت ڪيترن ئي ملڪن سان رابطا ڪيا ته جيئن معاملو سلجهائي سگهجي. هن زور ڏنو ته ايران پاڪستان جو ڀائر اسلامي ۽ پاڙيسري ملڪ آهي ۽ پاڪستان پنهنجي ذميواري پوري ڪندو رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. پرڏيهي وزير چيو ته ايران پاڻ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هُو ائٽمي هٿيار نه ٺاهيندو ۽ سمورن مسئلن جو حل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتي ذريعن سان ڪڍيو ويندو. پاڪستان جي ثالثي جي آڇ تي ايران جو ردعمل مثبت رهيو. اسحاق ڊار چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي حملي ۽ ايران پاران جواب ۾ نار ملڪن تي حملن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان واضح پاليسي اختيار ڪئي. پاڪستان ائٽمي توانائي جي پرامن استعمال جي حق ۾ ايران جي حمايت ڪئي ۽ دنيا ۾ واحد ملڪ هجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو جنهن ايران تي حملي جي کليل مذمت ڪئي. هن چيو ته 12 سالن کانپوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اتفاق راءِ سان قرارداد پاس ٿي، جنهن ۾ ايران تان پابنديون هٽائڻ جو چيو ويو. پاڪستان 28 فيبروري تي سيڪيورٽي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرايو ۽ ايران تي حملي جي مذمت ڪئي. هن واضح ڪيو ته حڪومت خطي ۾ استحڪام برقرار رکڻ ۽ تڪرارن کي سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي.











