اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي کي حڪومت جو اهم اتحادي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم فيصلن ۾ حڪومت جو هر قدم تي ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن اڱاري ڏينهن هتي ساڻس …
پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت جي اهم اتحادي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي کي حڪومت جو اهم اتحادي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم فيصلن ۾ حڪومت جو هر قدم تي ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن اڱاري ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ ملاقات ۾ موجود هئا، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي وفد ۾ سينيٽر شيري رحمان، راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر ۽ اعجاز جکراڻي شامل هئا. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم پاڪستان پيپلزپارٽي جا حڪومت جو اهم اتحادي هجڻ تي ٿورا ادا ڪيا. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي مُشاورت ڪئي وئي. ان کانسواءِ علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.












