اسلام آباد-02 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي هدايت تي مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري روڊ زون جو دورو ڪيو. چيف ڪمشنر، آءِ جي، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به ان سان گڏ هئا. مملڪتي وزير پارليامنٽ هائوس، ڊپلوميٽڪ انڪليو ۽ ريڊ زون تي سيڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. ڊيوٽي تي مقرر آفيسرن ۽ اهلڪارن سان ملاقات ڪئي ۽ سيڪيورٽي …
گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري جو ريڊ زون جو دورو
اسلام آباد-02 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي هدايت تي مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري روڊ زون جو دورو ڪيو. چيف ڪمشنر، آءِ جي، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به ان سان گڏ هئا. مملڪتي وزير پارليامنٽ هائوس، ڊپلوميٽڪ انڪليو ۽ ريڊ زون تي سيڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. ڊيوٽي تي مقرر آفيسرن ۽ اهلڪارن سان ملاقات ڪئي ۽ سيڪيورٽي انتظام چيڪ ڪيا. طلال چوڌري بهترين فرض انجام ڏيڻ تي جوانن جي تعريف ڪئي. آءِ جي اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي، مملڪتي وزير کي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني. مملڪتي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ حالتون مڪمل طور تي نارمل ۽ پر امن آهن. اسلام آباد ۾ سرڪاري ۽ نجي ادارا معمول مطابق کُليل آهن، شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم يقيني بنايا پيا وڃن، عوام سيڪيورٽي فورسز سان مڪمل تعاون ڪري.












