اسلام آباد-02 مارچ (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران مخالف ڌر جي احتجاج کان اڻڄاڻ رهيو ۽ پنهنجي سيٽ تي ويهي صدر مملڪت آصف علي زرداري جو مڪمل خطاب ٻُڌو. پارلياماني سال جي شروعات تي صدر آصف علي زرداري جي خطاب لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا …
مولانا فضل الرحمان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران مخالف ڌر جي احتجاج کان اڻڄاڻ رهيو، سيٽ تي ويهي صدر مملڪت جو مڪمل خطاب ٻُڌو
اسلام آباد-02 مارچ (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران مخالف ڌر جي احتجاج کان اڻڄاڻ رهيو ۽ پنهنجي سيٽ تي ويهي صدر مملڪت آصف علي زرداري جو مڪمل خطاب ٻُڌو. پارلياماني سال جي شروعات تي صدر آصف علي زرداري جي خطاب لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. صدر مملڪت جي خطاب جي شروعات تي ئي مخالف ڌر ميمبرن نعريبازي شروع ڪري ڏني، جڏهن ته جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي سيٽ تي ويٺو رهيو ۽ صدر مملڪت جي مڪمل تقرير ٻُڌي.











