سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 13300 رپين جي واڌ رڪارڊ

اسلام آباد-02 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 13300 رپيا واڌ سان في تولو سون 5 لک 63862 رپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولي قيمت ۾ 13300 رپين جي واڌ کان پوءِ في تولو سون 5 لک 63862 رپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 11402 رپين جي واڌ کان …

اسلام آباد-02 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 13300 رپيا واڌ سان في تولو سون 5 لک 63862 رپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولي قيمت ۾ 13300 رپين جي واڌ کان پوءِ في تولو سون 5 لک 63862 رپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 11402 رپين جي واڌ کان پوءِ 472018 رپين مان وڌي 483420 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 432689 رپين مان وڌي 443151 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چاندي جي قيمت 188 رپين جي واڌ کان پوءِ 10050 ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 161 رپين جي واڌ کان پوءِ 8616 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 5278 ڊالرن کان وڌي 5411 ڊالر ٿي وئي.

مزید خبریں