اسلام آباد - 02 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جنگ جي صورت ۾ جارح کي هڪ ٻي ذلت آميز شڪست جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. نئين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته 2025ع جي سڃاڻپ معرڪه حق ۾ شاندار ڪاميابي آهي، ان معرڪه ۾ پاڪستان ٻاهرئين جارحيت کي ناڪام بڻايو، الله جي فضل سان اها …
جنگ جي صورت ۾ جارح کي هڪ ٻي ذلت آميز شڪست جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جنگ جي صورت ۾ جارح کي هڪ ٻي ذلت آميز شڪست جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. نئين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته 2025ع جي سڃاڻپ معرڪه حق ۾ شاندار ڪاميابي آهي، ان معرڪه ۾ پاڪستان ٻاهرئين جارحيت کي ناڪام بڻايو، الله جي فضل سان اها رڳو عسڪري فتح نه پر قومي عزم جو اظهار هو، اسان ڀارتي جارحيت جو مقابلو ڪندي عسڪري ۽ سفارتي محاذن تي ڪامياب رهياسين ۽ عالمي برادري اسان جي اصولي ۽ فيصلائتي ڪارروائي کي تسليم ڪيو. صدر چيو ته تنگ نظر ڀارتي اڳواڻ هڪ ٻي جنگ جي تياري جا دعويدار آهن، علائقائي امن جي داعي جي طور تي اهڙن قدمن کي هرگز مناسب نه ٿا سمجهون تنهن هوندي به جنگ جي صورت ۾ جارح کي هڪ ٻي ذلت آميز شڪست جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. صدر چيو ته جنگ جي ميدان کان ڳالهه ٻولهه جي ميز طرف اچو، اهو ئي علائقائي سلامتي جو رستو آهي.











