اسلام آباد - 02 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه ڪاجا ڪالاس سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ايران ۽ وچ اوڀر جي خطي ۾ تازي اڳڀرائي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه ڪاجا ڪالاس سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ايران ۽ وچ اوڀر جي خطي ۾ تازي اڳڀرائي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪاجا ڪالاس کي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ يورپي يونين جي تعميري شموليت کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.











