حڪومت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ کين عالمي مارڪيٽن جي گهُرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي: مشهود احمد خان

اسلام آباد -02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته حڪومت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ کين عالمي مارڪيٽن جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪيو …

اسلام آباد -02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته حڪومت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ کين عالمي مارڪيٽن جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪيو ويو آهي ته جيئن مسئلن جو جائزو وٺي اثرائتي حڪمت عملي ترتيب ڏئي سگهجي. هن چيو ته اوورسيز وزارت، بيورو آف اميگريشن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان مشاورت کان پوءِ نوجوانن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون پيون وڃن. راڻا مشهود احمد خان چيو ته حڪومت نوجوانن کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ان سلسلي ۾ ليپ ٽاپ اسڪيم، اسڪل ڊولپمينٽ پروگرامز ۽ راندين کي هٿي وٺائڻ جهڙا قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن پاڪستاني نوجوان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ عالمي سطح تي مقابلو ڪري سگهن. هن ٻڌايو ته پرڏيهه ۾ روزگار جي خواهشمند نوجوانن لاءِ 10 لک روپين تائين بنا وياج قرض جي سهولت متعارف ڪرائي وئي آهي. جنهن جو مقصد شروعاتي خرچن ۽ پرڏيهه ۾ قيام جي شروعاتي مهينن ۾ مالي مدد فراهم ڪرڻ آهي. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو پرڏيهه ۾ پاڪستان جي سفير جي حيثيت سان ذميواراڻو طرز عمل اختيار ڪن. هن چيو ته حڪومت سافٽ اسڪلز ۽ اخلاقي تربيت تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن پاڪستاني افرادي قوت عالمي سطح تي هاڪاري سڃاڻپ قائم ڪري سگهي. هن چيو ته حڪومت نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ، اسڪلڊ افرادي قوت تيار ڪرڻ ۽ معيشت کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ مربوط حڪمت عملي تحت قدم کڻي رهي آهي.

مزید خبریں