سنڌ جي وڏي وزير پاران هندو برادري کي هولي جي ڏڻ تي دل جي گهراين سان واڌايون

ڪراچي-02 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هندو برادري کي هولي جي تهوار تي دل جي گهراين سان واڌايون ڏيندي چيو آهي ته بهار اچڻ تي رنگن جو تهوار هولي خوشين، امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿو. سي ايم هائوس مان جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان ۾ سڀني اقليتن کي پنهنجون مذهبي رسمون ادا ڪرڻ جي …

ڪراچي-02 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هندو برادري کي هولي جي تهوار تي دل جي گهراين سان واڌايون ڏيندي چيو آهي ته بهار اچڻ تي رنگن جو تهوار هولي خوشين، امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿو. سي ايم هائوس مان جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان ۾ سڀني اقليتن کي پنهنجون مذهبي رسمون ادا ڪرڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي ۽ سڀني مذهبن کي برابر حق حاصل آهن. هن چيو ته ملڪ جي ترقي ۾ هندو برادري جو اهم ڪردار آهي ۽ سندن خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آھي. وڏي وزير چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ سنڌي قوم رواداري ۽ ڀائيچاري واري سڃاڻپ رکي ٿي. هوليءَ جي خوشين جا رنگ پکيڙڻ ۽ نفرتون مٽائي محبت کي هٿي ڏيڻ جو درس ڏئي ٿي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اقليتن جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ پُرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين اقليتن جي حقن جي تحفظ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ انهن جي آئيني ۽ قانوني حقن لاءِ عملي اپاءَ پڻ ورتا آهن. خطي جي تازي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وڏي وزير اپيل ڪئي ته هوليءَ جو تهوار سادگي سان ملهايو وڃي. هن چيو ته امن، سلامتي ۽ قومي هم آهنگي اسان جي پهرين ترجيح آهي. آخر ۾ هن دعا ڪئي ته هولي جو هي تهوار ملڪ ۾ امن، ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو پيغام کڻي اچي.