وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس

اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ علائقائي ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ  سطحي اجلاس گذريل ڏينهن منعقد ٿيو، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزيرن احسن اقبال، محسن نقوي، اعظم نذير تارڙ، احد خامه چيمه، عطاءُ الله تارڙ، …

اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ علائقائي ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ  سطحي اجلاس گذريل ڏينهن منعقد ٿيو، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزيرن احسن اقبال، محسن نقوي، اعظم نذير تارڙ، احد خامه چيمه، عطاءُ الله تارڙ، علي پرويز ملڪ، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ علائقائي ۽ خطي جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پاڪستان جي خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪردار ۽ مختلف قدم غور هيٺ آيا. اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ملڪ جي داخلي صورتحال ۽ سيڪيورٽي انتظامن تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم جي هدايت تي پاڪستاني شهرين کي ايران مان ڪڍڻ جي قدمن جو به جائزو ورتو ويو ۽ سندن حفاظت سان واپسي لاءِ پرڏيهي آفيس تفصيلي بريفنگ ڏني جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته آذربائيجان ذريعي پاڪستاني شهرين جي ايران مان نڪرڻ کي ممڪن بڻايو پيو وڃي.

مزید خبریں