وزيراعظم پاران اردن سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار

اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ ڇڪتاڻ جي موجوده صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي اردن سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي.”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته هن شاهه اردن ڪنگ عبدالله II سان وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال تي ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ …

اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ ڇڪتاڻ جي موجوده صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي اردن سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي.”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته هن شاهه اردن ڪنگ عبدالله II سان وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال تي ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اسرائيل طرفان ايران تي حملن ۽ ان کانپوءِ اردن ۽ ٻين برادر ملڪن تي ٿيل حملن جي نتيجي ۾ خطي جي تازي ڇڪتاڻ تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان امن ۽ استحڪام جي تحفظ لاءِ صبر، ڳالهين ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي فوري ضرورت تي زور ڀريو. هن خاطري ڪرائي ته پاڪستان اردن جي برادر عوام سان مڪمل يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي ۽ خطي ۾ امن ۽ سڪون جي بحالي لاءِ هر ممڪن تعاون لاءِ تيار آهي.

مزید خبریں