اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بوسنيا هرزيگوينا جي آزادي واري ڏهاڙي جي پرمسرت موقعي تي پريزيڊينسي جي موقعي تي ڊاڪٽر ڊينس بيڪيرووچ جي چيئرمين ۽ بوسنيا هرزيگوينا جي پرزيڊينسي جي ٻين ميمبرن زيلجڪو ڪومسڪ ۽ زيلجڪا سيويجانوچ کي مبارڪون ڏنيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي مبارڪن واري خط ۾ چيو آهي، ته پاڪستان ۽ بوسنيا هرزيگوينا وچ م گڏيل اعتماد، …
صدر آصف علي زرداري پاران بوسنيا هرزيگوينا جي آزادي واري ڏهاڙي تي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بوسنيا هرزيگوينا جي آزادي واري ڏهاڙي جي پرمسرت موقعي تي پريزيڊينسي جي موقعي تي ڊاڪٽر ڊينس بيڪيرووچ جي چيئرمين ۽ بوسنيا هرزيگوينا جي پرزيڊينسي جي ٻين ميمبرن زيلجڪو ڪومسڪ ۽ زيلجڪا سيويجانوچ کي مبارڪون ڏنيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي مبارڪن واري خط ۾ چيو آهي، ته پاڪستان ۽ بوسنيا هرزيگوينا وچ م گڏيل اعتماد، خير سگالي ۽ گڏيل هم آهنگي تي ٻڌل ويجها ۽ تاريخي لاڳاپا قائم آهن. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻا ۽ ٻه طرفه لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ گهرا ٿيندا ويندا جيڪي ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل فائدي ۾ هوندا. صدر بوسنيا هرزيگوينا جي قيادت جي سٺي صحت ۽ تندرسي ۽ بوسنيا هرزيگوينا جي عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.











